ٺٽو رپورٽ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ پاڪستان زنده باد مومينٽ جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاهه شيرازي چيو آهي ته ڪشميري ڀائر 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج جي ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حصول لاءِ جاري جدوجهد ۾
ٺٽو رپورٽ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
پاڪستان زنده باد مومينٽ جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاهه شيرازي چيو آهي ته ڪشميري ڀائر 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج جي ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حصول لاءِ جاري جدوجهد ۾ اسان هميشه پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. آهن 27 آڪٽوبر 1947ع ۽ 9 نومبر 1947ع تي هندستان پنهنجي فوجي طاقت ذريعي قبضو ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. ان کان پوءِ ڀارتي فورسز ۽ انتهاپسند ڀارتي حڪمرانن ظلم جو داستان رقم ڪيو، جنهن کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن سان ڪشميري ڀائرن کي سندن جائز حقن کان محروم ڪيو ويو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان زنده باد مومينٽ جي چيئرمين سيد الطاف حسين شاهه شيرازي وڌيڪ چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن کي اسان مسلمانن ۽ پاڪستاني عوام جي حيثيت ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، اسان سڀني کي ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ گهرجي، نوجوان نسل کي تاريخ ۽ موجوده صورتحال کان آگاهه ڪرڻ گهرجي.