ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ امير البحر ضلعي ٺٽي جي صدر علي حسن پارهيڙي ملاح واحد قاضي محمد علي ٽانڊيو شبير ملاح ممتاز ھولاڻي قادر ملاح ۽ پريس ڪلب غلام الله ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته امير البحر ضلعي سجاول جي صدر ناٿو ملاح تي
ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
امير البحر ضلعي ٺٽي جي صدر علي حسن پارهيڙي ملاح واحد قاضي محمد علي ٽانڊيو شبير ملاح ممتاز ھولاڻي قادر ملاح ۽ پريس ڪلب غلام الله ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته امير البحر ضلعي سجاول جي صدر ناٿو ملاح تي بااثرن پاران ڪيل ظلم برداش نه ڪيو ويندو بٺورو سجاول ٽنڊو محمدخان جو لينڊ گريبر مراد علي شاھ بٺوري ۾ قائم قديمي ڳوٺ ناٿو ملاح تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيو بااثر لينڊ مافيا مراد علي شاھ کي سياسي آشيرواد حاصل آهي تازو ٽنڊي محمد خان ڪئنچي جي پوليس ونگار وهندي حيدرآباد ويندڙ امير البحر ضلعي سجاول جي صدر ناٿو ملاح جي ڀاءُ پپو ملاح کي رستي تان گرفتار ڪري ڪوڙو ڪیس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي ھنن چيو آهي ته بااثر لينڊ مافيا مراد علي شاھ شاھ سجاول ٽنڊو محمدخان بٺورو ۾ تر تپائي ڇڏيا آهن درگاھن جي پلاٽن کي به بخش نه ڪيو آھي ملاحن جي ڳوٺ کي به وقتن به وقت مسمار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن ناٿو ملاح سندس فيملي ۽ ڳوٺاڻن کي ڪوڙن ڪيسن ذريعي ھيسايو پيو وڃي ضلعي انتظاميا بااثر لينڊ گريبر جي ونگار وهندي ناٿو ملاح وارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھي آھي ھنن چيو آهي ته گیا جيڪڏهن امير البحر ضلعي سجاول جي صدر ناٿو ملاح ۽ سندس فيملي کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار ضلعي سجاول جي انتظاميا ۽ لينڊ مافيا مراد علي شاھ ھوندو اسان سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس سيشن جج سجاول آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ٿا ڪريون ته فورن نوٽيس وٺي ناٿو ملاح ۽ ان جي فيملي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ قبضا خور مراد علي شاھ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي