ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيد مالڪ خشڪ جي مزار تي پھچي حاضري ڀري ان موقعي تي
ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ٽوڙي ڦاٽڪ جي شھيد مالڪ خشڪ جي مزار تي پھچي حاضري ڀري ان موقعي تي ڳالھائيندي نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته ضياء آمريت ۾ بيگناھ شھيد ڪيل ٽوڙي جي شھيدن سان اڄ تائين انصاف ناھي ٿي سگھيو شھيدن جو رت داد رسي لاء پڪاري رھيو آھي آمر ضياء کان پوء ملڪ تي مسلسل سندس باقيات جي حڪومت رھي آھي جنھن ڪري مظلوم قومن کي صرف پنھجي پيارن جا لاش وصول ٿيا آھن ٽوڙي ڦاٽڪ تي پرامن شاگردن تي گوليون وسائي کين قتل ڪيو ويو جنھن ۾ سڌو فوجي جنتا ملوث ھئي پر ملڪ جي عدالتن ڪڏھن بـ ساڻن انصاف نـ ڪيو اڄ سنڌ تي راتاھو ھنيو ويو آھي مذھب جي نالي تي شدت پسندي ۾ اضافو ٿيو آھي سنڌ کان درياھ ۽ قدرتي وسيلا کيسا پيا وڃن سنڌين کي ايپيل ٿا ڪريون تـ متحد ٿي وطن بچائين