9

ٺٽو: ڊ ر دعا نىوز تُرڪَش ڪالوني ڀرسان ڪريش پلاٽن جي ڌماڪن معصوم ٻارڙن ۽ رهواسين جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون،

ٺٽو: ڊ ر دعا نىوز

تُرڪَش ڪالوني ڀرسان ڪريش پلاٽن جي ڌماڪن معصوم ٻارڙن ۽ رهواسين جون زندگيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون،

تُرڪَش ڪالوني جي ڀرسان قائم ڪريش پلاٽن تي ٿيندڙ شديد ڌماڪن مقامي رهواسين لاءِ سخت خوف ۽ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي،
ڌماڪن جي شديد لوڏن سبب علائقي جي گھٽين ۽ گھرن جي ديوارن ۾ وڏا ڏار پئجي ويا آهن، جنهن سبب اتي رهندڙ سوين فيملين جون حياتيون هر وقت خطري ۾ آهن،

اسڪول جي بلڊنگ کي به وڏا ڏار پئجي چڪا آهن، تعليم پرائيندڙ معصوم ٻارڙا روزاني خوف جي سائي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، خدا نہ ڪري، جيڪڏهن ڪو وڏو حادثو پيش آيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟
اسان ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون تُرڪَش ڪالوني ڀرسان ٿيندڙ خطرناڪ ڌماڪن کي فوراً بند ڪرايو وڃي،
علائقي جي رهواسين ۽ معصوم ٻارڙن جي جاني تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي،
متاثر گھرن ۽ اسڪول جي بلڊنگن توڙي انسان جي جانين کي نقصان کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں