6

ٺثو (رپورٽ) دعا نیوز عبدالعزیز شیخ جهرڪ بسم الله چوڪ تي ڪوئلي جي رائلٽي ٽئڪس

ٺثو (رپورٽ) دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
جهرڪ بسم الله چوڪ تي ڪوئلي جي رائلٽي ٽئڪس ۾ واڌ خلاف گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري پرامن احتجاج دوران ٽرڪ مالڪن پنهنجون ڪوئلي سان ڀريل گاڏيون روڪي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي ٺٽو جي صدر امجد شورو پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته رائلٽي جي نالي تي اڳ ئي روزاني بنيادن تي اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي، تنهنڪري وڌايل ٽئڪس ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.ذريعن موجب اڄ صبح ايس ايس پي ٺٽو جي هدايت تي سي آءِ اي پوليس ٺٽو پرامن احتجاج جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو سميت جهمپير جي پنجن ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي جهرڪ ۽ جهمپير ٿاڻن تي ويهاريو.هوڏانهن ڊي ايس پي جهرڪ واجد ٿهيم ۽ ايس ايڇ او جهرڪ اسد الاهي اعواڻ پنهنجي موقف ۾ چيو ته امجد شورو سميت ٻين ماڻهن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، پر صرف ڳالهين لاءِ گهرايو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته رائلٽي ٽئڪس جو معاملو مائينز اينڊ منرلز کاتي سان لاڳاپيل آهي، جنهن بابت لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں