ٺٽو: رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ ڳوٺ عارب سولنگي تي پوليس آپريشن، گهر ڊاهي پٽ، ڳوٺاڻن پاران ڦرلٽ ۽ زيادتين جا الزام
ٺٽو: رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
ڳوٺ عارب سولنگي تي پوليس آپريشن، گهر ڊاهي پٽ، ڳوٺاڻن پاران ڦرلٽ ۽ زيادتين جا الزام
ٺٽي ڀرسان واقع ڳوٺ عارب سولنگي ۾ اڄ رات جي پوئين پهر اي ايس پي ٺٽو عبدالله افضل جي اڳواڻي ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان آيل ٻن سون کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ هيوي مشينري سان وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڳوٺاڻن موجب ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ عدالتي حڪم تي پهتل پوليس ۽ روينيو انتظاميه کي ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پيو هو، جنهن بعد ٺٽو ٿاڻي تي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺاڻن، جن ۾ عورتون پڻ شامل آهن، خلاف ڊيوٽي ۾ رنڊڪ ۽ پوليس تي حملي سميت مختلف قلم هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
اڄ ٿيل آپريشن دوران، ڳوٺاڻن موجب، پوليس هوائي فائرنگ ڪري خوف ۽ حراس ڦهلايو، جنهن بعد نه رڳو تڪراري زمين تي قائم گهر، پر لڳ ڀڳ 80 سالن کان قائم قديم ڳوٺ جا به ڪيترائي گهر ڊاهي مسمار ڪيا ويا. ڳوٺاڻن دعويٰ ڪئي ته سنڌ حڪومت جي پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت تازو تعمير ٿيل گهر پڻ ڊاهيا ويا، جڏهن ته سينيئر صحافي ۽ علم دوست شخصيت حاجن سولنگي پاران قائم ڪيل لائبريري به ڊاهي پٽ ڪئي وئي، جتي موجود ڪتاب پڻ نقصان جو شڪار ٿيا.
متاثر ڳوٺاڻن الزام هنيو ته پوليس ڪارروائي دوران گهرن مان گهريلو سامان، سونا زيور، روڪ رقم، پنکا، چوپايو مال ۽ ڪڪڙيون پڻ کڻي وئي. سندن چوڻ هو ته پوليس جي خوف سبب ڪيترائي مرد ڳوٺ ڇڏي هليا ويا، جڏهن ته عورتون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار رهجي ويا. ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هنن محنت مزدوري ڪري پنهنجا گهر تعمير ڪيا هئا، پر پوليس جي ڪارروائي سبب سندن اجها ڊهي ويا ۽ معصوم ٻار بي گهر ٿي ويا. هنن الزام هنيو ته تڪراري پلاٽ کان علاوه سرڪاري ايراضي ۽ ڀڏي تي قائم قديم ڳوٺ جا گهر به ڊاهي وڏو ناحق ڪيو ويو آهي. متاثر عورتن ۽ ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سڄي واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.