ٺٽو: ڊ ر عبدالعزیز شیخ پاڪستان جرنلسٽ ايسوسيئيشن (PJA) ضلعي ٺٽي
ٺٽو: ڊ ر عبدالعزیز شیخ
پاڪستان جرنلسٽ ايسوسيئيشن (PJA) ضلعي ٺٽي پاران سينيئر صحافي حاجن سولنگي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار.
پاڪستان جرنلسٽ ايسوسيئيشن (PJA) ضلعي ٺٽي پاران سينيئر صحافي حاجن سولنگي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ واري معاملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
تنظيم جي اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته صحافين کي پنهنجي پيشيوراڻين ذميوارين جي ادائيگي دوران غيرضروري قانوني دٻاءُ، هراساني يا انتقامي ڪاررواين جو نشانو نه بڻايو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن معاملي ۾ قانوني ڪارروائي ضروري هجي ته اها مڪمل شفافيت، انصاف ۽ قانوني تقاضائن موجب ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان جرنلسٽ ايسوسيئيشن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هن معاملي جو غيرجانبداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو جائزو ورتو وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته ڪنهن به صحافي جي آئيني حقِ اظهارِ راءِ ۽ پيشيوراڻين فرضن جي ادائيگي ۾ بنا جواز رڪاوٽون نه وڌيون وڃن.
تنظيم پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اها صحافين جي جائز حقن، صحافت جي آزادي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر سطح تي پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي. اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل ادارا انصاف جي تقاضائن کي اوليت ڏيندي قانون موجب منصفاڻو فيصلو ڪندا.