19

ٺٽو (رپورٽ) دعا نیوز عبدالعزیز شیخ سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سجاول ضلعي

ٺٽو (رپورٽ) دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سجاول ضلعي جي جھوڪ شريف ۾ مرحوم لعل بخش جتوئي جي رهائشگاهه تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وفاقي مملڪتي وزير کيل ڏاس ڪوھستاني پڻ ساڻس گڏ موجود هو.گورنر سنڌ چيو ته مرحوم لعل بخش جتوئي جي وفات قومي ۽ سماجي سطح تي وڏو نقصان آهي. هن چيو ته مرحوم پنهنجي سڄي زندگي عوامي خدمت لاءِ وقف ڪئي ۽ سندس سماجي خدمتن کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي مغفرت، بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته سنڌ ۾ جاري مختلف شاهراهن جي تعمير ۽ بحالي لاءِ وفاقي حڪومت فنڊ فراهم ڪيا آهن، ۽ وفاق صوبي جي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زراعت، صحت ۽ تعليم آئيني طور صوبائي حڪومت جي دائري اختيار ۾ اچن ٿا، وفاق صوبن جي آئيني اختيارن جو احترام ڪري ٿو ۽ انهن جي معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري.ٻئي سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو ته، “سنڌ هو، سنڌ آهي ۽ سنڌ هميشه قائم ۽ دائم رهندو.” هن وڌيڪ چيو ته اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي سان عوامي مسئلن جي حل، بهتر حڪمراني ۽ ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.پاڻي جي کوٽ بابت سوال تي گورنر سنڌ چيو ته سجاول ۾ پاڻي جي بحران جي حل لاءِ هو فوري طور لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪندو، ۽ اميد آهي ته جلد پاڻي جي فراهمي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں