ٺٽو: عبدالعزیز شیخ
سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ جي دورانديش سياستدان سردار محمد عثمان سومرو جي 56ھين ورسي وڻن جا ٻوٽا پوکي ماحولياتي آلودگيء خلاف جدوجھد ڪرڻ جي ازم طور ملھائي وئي،خبر موجب ٺٽي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي محب وطن ۽ دورانديش سياستدان سردار محمد عثمان سومرو جي 56ھين ورسي سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران ترڪش ڪالوني مڪليء ۾ ملھائي وئي، ورسيءَ تقريب کي مخاطب ٿيندي مک مھمان سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو چيو سنڌ اڄ انھن مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ گھيرجي وئي آھي جنھن جو خدشو منھنجي ڏاڏا سائين سردار محمد عثمان سومرو ۽ ٻين چند محب وطن سياستدانن ان وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪيو ھيو جڏھن ھن ملڪ جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي ھن چيو ته اڄ به سنڌ سان روينيو ،پاڻي،ڌاري آبادڪاري توڙي ملازمتن جي حوالي سان تمام گھڻيون ناانصافيون جاري آهن حالت اھا آھي تہ سنڌي ماڻهن لاءِ پنھنجي وڏن شھرن توڙي اھم اداران ۾ ڪاروبار ۽ ملازمتون ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ،سنڌو دريا تي بند ٻڌي پاڻي بند ڪيو پيو وڃي جنھن ڪري پاڻيء جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي لاڙ پٽيء جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ ميت کي غسل ڏيڻ ،پکين ۽ وڻن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ميسر ناھي ،ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم منھنجي ڏاڏا سائين محمد عثمان سومرو جي ياد ۾ ماحولياتي آلودگيء خلاف ھي پروگرام ڪوٺائي نئين روايت کي جنم ڏنو آهي جيڪو تمام گهڻو خوش آئنده عمل آھي .
سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو چيو ته سردار محمد عثمان سومرو ھن خطي جو تمام وڏو دورانديش ،بردبار ،بھادر سياستدان ۽ راڄائتو انسان ھيو جنھن پنھنجي اصولن جي پاسداري لاءِ آمرن ء جابرن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو پر حق ،سچ ء پنهنجي ڌرتيء جي مفادن خلاف ٿيندڙ ھر عمل خلاف چٽو موقف رکيو پاڻ شھيد الھ بخش سومرو جھڙن عظيم المرتب سياستدانن ۽ ڏاھن انسانن جي سوچ جو ساٿي رھيو ،ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪلچرل فورم پنهنجي علمي ادبي سياسي سماجي ۽ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ فخر لائق ڪردارن کي مڃتا ڏيڻ ۽ ياد رکڻ وارو سلسلو قومي ذميواري سان جاري رکندو ايندو ،ان موقعي تي سونهري هيومنٽيرين ڊولپمينٽ سوسائٽي جي صدر عنايت علي زئور ،سنڌ سجاڳ سماجي تنظيم ضلعي ٺٽي جي صدر محمد ابراهيم ھيجب ،عطا جانوري،حاجي محبوب علي واڍيلو،ميوو خان شورو،محرم علي پنھور ،نوجوان صحافي محمد ابراهيم خشڪ ،لطيف صادق لاکو ،احسان ملاح ،حاجي غلام شورو ۽ ٻين پڻ سردار محمد عثمان سومرو جي ڪيل خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آخر ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ،صادق لاکو ۽ بين مھمانن سان گڏجي سردار محمد عثمان سومرو جي ڪيل بي مثال عوامي ۽ سياسي خدمتن جي مڃتا طور مختلف وڻن جا ٻوٽا پوکيا ۽ ماڻھن ۾ ورھايا.