سامارو ( رپوٽر ) سامارو نيشنل پريس ڪلب رجسٽرڊ جي صحافين پاران وفد جي صورت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجه ڪمار ترڪيو ۽ مختيارڪار سامارو آصف علي ڪالرو سان اهم ملاقات
سامارو ( رپوٽر ) سامارو نيشنل پريس ڪلب رجسٽرڊ جي صحافين پاران وفد جي صورت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو سنجه ڪمار ترڪيو ۽ مختيارڪار سامارو آصف علي ڪالرو سان اهم ملاقات
ملاقات ۾ سامارو شھر جي عوام جي ڀلائي لاء مختلف مسئلن جنهن 1122 ريسڪو سنڌ ايمرجسني سروس تعلقه اسپتال لاء ، حيسڪو جي لاپرواهي سبب مختلف ڳوٺن ۾ بجلي جي کنڀن عرف ٿنبن جو ڪرڻ ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران تعلقي ساماري جي عوام کان ڦرڦران ، منشيات سميت ٻين مختلف اشوز بابت ڳالھ ٻول اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ڀرپور تعاون ڪرڻ سميت مختلف مسئلن جي حل ڪرڻ جي خاطري : اسسٽنٽ ڪمشنر سنجئه ڪمار ترڪيو
خبر موجب : سامارو نشنل پريس ڪلب رجسٽرڊ جي صحافين جي جنرل سيڪريٽري گلجي سورماڻي ، شير محمد بلوچ ، وحيد خآصخيلي ، مورو شرما وفد جي صورت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سنجئه ڪمار ترڪيو ۽ مخيتارڪار آصف علي ڪالرو سان اهم ملاقات ڪئي ملاقات دوران سامارو شھر جي مختلف اشوز جنهن تعلقه هيڊ ڪواٽر جي لاء 1122 ريسڪيو ايمرجنسي ايمبولينس گاڏي ، سماجي تنظيمن جي سامارو جي عوام سان ڦرلٽ ، برسات دوران مختلف ڳوٺن ۾ بجلي جي کنڀن عرف ٿبن ۽ شھر ۾ هلندڙ منشيات سميت ٻين مختلف اشوز بابت ڳالھ ٻول ٿي ، انتظاميه پاران ڀرپور تعاون جي يقين دياني ڪرائي وئي ، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سنجئه ڪمار ترڪيو نيشنل پريس ڪلب سامارو رجسٽرڊ جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته بهترين سوچ آھي نوجوان صحافي دوستن جي مونکي اها نوجوانن تي فخر آھي ته جينن اشوز بابت ڳال ٻول ٿي هن وڌيڪ چيو ته عوام کي گهرجي ته هو پنهنجي حقن خاطر مقامي آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪن ته جئين سندس حق ملي سگهي ، ڪنهن به شھري جو ڪو مسئلو هجي ته بي هيچڪ ٿي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس روينيو سامارو ۾ ھلي اچي ، ٻئي طرف مختياڪار آصف علي ڪالرو سامارو نيشنل پريس ڪلب رجسٽرڊ جي وفد پاران بهترين تجويز جي ساراه ڪندي چيو ته هاڻ نوجوان طبقي ۾ شھور آيو آھي ڪوبه جائز اشوز هجي اسان کي لکت ۾ ڏي اسان هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته ساماري جي عوام کي فائدو ٿئي ،