October 28, 2026

سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ پاڪستان پاران ڳوٺ ڊاڪٽر رستم بليدي نئون آباد ۾ جشنِ عيد ميلادِ النبي صلم جي سلسلي ۾ محفل هديه ڪثرتِ درود پاڪ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاھ

IMG-20240915-WA0071

سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمن غلامانِ قلندر ويلفيئر سنڌ پاڪستان پاران ڳوٺ ڊاڪٽر رستم بليدي نئون آباد ۾ جشنِ عيد ميلادِ النبي صلم جي سلسلي ۾ محفل هديه ڪثرتِ درود پاڪ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، ذڪرِ مصطفيٰ صلم اڄ جي دور جي روحاني بيمارين جو واحد علاج آهي، ذڪرِ مصطفيٰ صلم هر طرح جي فتنن کي ٻنجو آهي، ذڪرِ مصطفيٰ صلم کي بلند ڪرڻ جو واحد طريقو ڪثرتِ درود پاڪ آهي، ميلاد مصطفيٰ صلم جو اصل مقصد ئي آهي ڪثرتِ درود پاڪ جي پرچار، سائين وڌيڪ چيو ته، دنيا جي مصروفيتن ۽ صحبتن جي زيرِ اثر اچي ڪري ڪڏهن به ڪثرتِ درود پاڪ جي محنت کي نه وسارجو، سائين چيو ته، ڪوڙ، دوکي، فريب، بدڪاري جي ڪڏهن به ويجھا نه وڃو، اهي شيون توهان جي ظاهري ۽ باطني صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جن کان پاڻ سان گڏوگڏ پنهنجي نسلن کي به بچايو، سائين چيو ته، محبوب ڪريم صلم جو اخلاق اعليٰ ۽ عظيم آهي جنهن کي غير قومون به تسليم ڪن ٿيون، اُھي قومون چون ٿيون ته انسانن ۾ عظيم انسان حضرت محمد صلم آهن، سائين وڌيڪ چيو ته، اهو هميشه ٿيندو رهيو آهي ته زر ۽ زيور جي زور تي انسانن جي ايمان کي خريد ڪري ان کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ڪيو ويندو آهي، اڄ به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، سائين چيو ته، الله پاڪ قرآن شريف جي سورت الکهف ۾ فرمايو آهي، “(خضرؑ) چيو ته توکي نه چيو ھوم ڇا ته تون مون سان صبر ڪري نه سگھندي. (72) (موسيٰ) چيو ته جيڪي مون وساريو تنھن سببان مون کي نه پڪڙ ۽ منھنجي ڪم ۾ مون تي سختي نه وجھ. (73)”. الله جي پيغمبرن وٽ وحي ايندو هو ۽ اولياء الله کي الهام ٿيندو آهي، اولياء الله خوف ۽ غم کان آزاد هوندو آهي، سائين وڌيڪ چيو ته، آخري دور آهي محبوب ڪريم صلم جي دامن کي پڪڙي ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪريو، محبوب ڪريم صلم جي دامن کي پڪڙڻ جو آسان ۽ واحد طريقو ڪثرتِ درود پاڪ جي محنت آهي. پروگرام ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، ٻنھي جھانن جي سردار ﷺ کي 5 ڪروڙ 10 لک درود پاڪ جو تحفو پيش، سنڌ سميت عالم انسانيت جي خوشحالي لاءِ دعا، محفل ۾ نعت خواني پڻ ڪئي وئي، تقريب ۾ محمد ابراهيم ھاليپوٽو، محمد رفيق هنگورو، محمد موسيٰ ھاليپوٽو، مظفر لاشاري، جمن جروار، دودو جوڻيجو، غلام حسين مھر، معشوق منگريو، حضور بخش شر، علي شير ھنگورو، لال بخش سولنگي، محمد بچل لاشاري، ڊاڪٽر رستم بليدي، حسين بخش بليدي، ارباب شيخ، امجد راڄپر، صديق بليدي، عمر مھر، شاد مھر، شاھ محمد راڄپر، نظير ڪٽوھر، خادم لاشاري، خدا بخش ڪنڀار سميت وڏي انگ ۾ قلندرين شرڪت ڪئي.