November 1, 2026

فرض شناس پوليس آفيسر ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي

IMG-20251205-WA0491

دعانیوز آن لائن بیور یف سندھ عبدالقیوم شیخ صدر پاکستان سٹیزن پریس کلب ٹھٹھہ

فرض شناس پوليس آفيسر ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي
پوليس ھيڊ ڪواٽر ٺٽو ۾ اردلي روم قائم ڪندي 70 پوليس آفيسرن ء اھلڪارن کي ڊيوٽي تاbن غير حاضر رھڻ،منشيات ۽ جرم جي سرپرستي ڪرڻ جي جرم ۾ کين فائنل شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏي

ايس ايس پي ٺٽو پاران پوليس هيڊ ڪوارٽر ٺٽو ۾ اردلي روم قائم ڪري ورتو
ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني پوليس هيڊ ڪوارٽر ٺٽو ۾ اردلي روم جو انعقاد ڪندي
اردلي روم ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مسئلا، شوڪاز، سسپينشن ۽ ٻين معاملن بابت احڪامات جاري ڪيا ويا۔
ايس ايس پي ٺٽو زير التواءَ شوڪاز نوٽيسز، انڪوائريز جا فيصلا ڪيا ۽ غير حاضري، ڊيوٽي ۾ غفلت، مس ڪنڊڪٽ ۽ منظم ڏوهن جي سرپرستي ۾ ملوث 70 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف قانوني گهرجن مطابق شوڪاز نوٽيسز فائنل ڪيا ۽ ٻين فيصلا پڻ ڪيا۔
ايس ايس پي ٺٽو ضلعي پوليس جي سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پيغام ڏنو ته موڪلن، تبادلن، ويلفيئر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ايس ايس پي آفيس ٺٽو ۾ پيش ٿين۔
ايس ايس پي ٺٽو اردلي روم ۾ پيش ٿيل سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته پنهنجي ڊيوٽي محنت، لگن ۽ ايمانداري سان ڪن، جڏهن ته چيڪنگ دوران ۽ ٿاڻن ۾ عوام سان خوش اخلاقي، نرمي ۽ محبت سان پيش اچن۔