November 16, 2026

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سابق ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي فرزند

IMG-20250616-WA0619

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سابق ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر جي فرزند
نواب محمد يونس ٽالپر ساماري تعلقي مختلف علائقن ۾ عزرخواهيون ڪيون
سامارو يوسي جي ڳوٺ جلال چانڊيو,ساماري شهر ۽ يوسي ستڙيون جي ڳوٺ مصري نقرچ پهچي عزرخواهيون ڪيون ,جڏھن ته هيرل جي زميندارن پ پ يوسي صدر ايوب ڪالرو مصري نقرچ ۽ ٻين فرش سب ڊويزن ۽ خاص طور تي هيرل واه جي ٽيل جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ کان آگاه ڪيو ۽
سنڌ حڪومت جي طرفان برسات متاثر علائقن ۾ ڏنل گهرن جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ ۽ قسط صرف عمرڪوٽ جي جاري ٿيڻ ۽ ساماري تعلقي ۾ جاري نه ٿيڻ بابت آگاه ڪيو ,
ان موقعي تي نواب يونس ٽالپر انجنيئر ٿر کي فون ڪري آبدگارن جي دانهن کان آگاه ڪيو ۽ ضلع ڪائونسل جي اجلاس ۾ گهرن جي رقم جاري ٿيڻ بابت ڊپٽي ڪمشنر کان پڇا ڪرڻ جو يقين ڏياريو
ان موقعي تي رئيس خان محمد چانڊيو , بهادر چانڊيو سعد خان پٺاڻ ,ميمبر ضلع ڪائونسل عبدالواحد آريسر , سيد ذوالفقار شاه ,ڏاتر بخش سينهڙو , محمد ايوب ڪالرو ,مصري نقرچ ۽ بيا پڻ موجود هيا