November 16, 2026

عمرڪوٽ (ڊاڪٽر ايم لال واگھاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ جي ڊويزنل صدر رميش ڪمار ڏيوڻ مالھي جي سالگره جي پروقار تقريب

IMG-20250616-WA0618

عمرڪوٽ (ڊاڪٽر ايم لال واگھاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ جي ڊويزنل صدر رميش ڪمار ڏيوڻ مالھي جي سالگره جي پروقار تقريب عمرڪوٽ ۾ سوني برادري جي معزز اڳواڻ مهيش ڪمار سوني پاران سوني ھائوس تي ملھائي ويئي. انھي موقعي تي مهيش ڪمار سوني پاران ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. سالگره جي تقريب ۾ شھر جي معروف ۽ معزز سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مھيش ڪمار سوني ، سني سوني ، ڊاڪٽر درگا داس ، جئہ ڪمار چوهاڻ ، او پي ايس مالھي ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، انھي موقعي تي رميش ڪمار ڏيوڻ مالھي جي پارٽي خدمتن کي ساراهيندي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو ، ۽ رميش ڪمار ڏيوڻ مالھي لاء نيڪ خواھشن جو اظھار پڻ ڪيو ويو