دعانیوز بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ ضلعو ٺٽو ھن وقت مڪمل طور تي منشيات فروشن ۽ مجرمن وٽ يرغمال بڻيل آھي،انتظاميہ ڇا پئي ڪري ؟ ايڊووڪيٽ سيد اعجاز علي شاھ
دعانیوز بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ
ضلعو ٺٽو ھن وقت مڪمل طور تي منشيات فروشن ۽ مجرمن وٽ يرغمال بڻيل آھي،انتظاميہ ڇا پئي ڪري ؟ ايڊووڪيٽ سيد اعجاز علي شاھ
امن ۽ محبت جي مرڪز تاريخي شھر ننگر ٺٽي کي ڪنھن بہ صورت ۾ منشيات فروشن ۽ مجرمن جي رحم ڪرم تي ھرگز نٿو ڇڏي سگھان
اڄ کانپوء ضلعي ٺٽي جي ڪنھن بہ ٿاڻي ۽ صوبيدار جي حد ۾ ڦر،منشيات ۽ دھشتگردي جو واقعي جي خبر ملي ته ڊسٽرڪٽ بار ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي پليٽ فارم تان سخت قانوني قدم کڻندس
۽ ھاڻ پوليس وڏن منشيات فروشن بجاء صرف غريب ڪيبنن وارن يا
وڏن ڌاڙيلن بجاء ڪنھن مرغي چور غريب خلاف ڪيس درج ٿيو ته پوء پوليس جو خير ناھي
ضلعي ٺٽي جي ڪنھن بہ بي ڏوھي،مسڪين ۽ مظلوم سان پوليس گردي ٿيندي ته ان مظلوم جو مفت ۾ ڪيس وڙھي پوليس جو قبلو درست ڪري ڏيکاريندس
معزز واپاري رزاق ميمڻ کان ٿيل ڦر ۾ ملوث جوابدار جلد گرفتار نه ٿيا يا ٺٽي مان ھاڻ زھريلي آئيس،چرس ۽ ڪچي شراب جي فيڪٽري. کي پوليس تالو نه ھنيو ته پوليس مون تي ھرگز ھاڻ ڪا ميار نه ڪري
ضلعو ٺٽو اسانجن بزرگن ۽ وڏڙن جو روحاني آستان ۽ آخري آرام گاھ آھي ان ڪري اتي بارود ۽ منشيات جي بدبو ھرگز قبول ناھي
ضلعي ٺٽي جا روشن خيال ۽ ساڃاھ وند مرد ۽ عورتون انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ ۾ شامل ٿي پنھنجي شھر ۽ ضلعي جي وارثي ڪندي ترقي ۽ خوشحالي ڏانھن قدم اڳتي وڌائين
ضلعي ٺٽي جي صحافي برادري ۽ واپاري برادريءَ سان گڏ ضلعي جي سموري سول سوسائٽي ۽ ساڃاھ وند ڌرين کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏيان ٿو
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن ٺٽو جي صدر ۽ انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ سنڌ جي سرواڻ نامور قانوندان سيد اعجاز علي شاھ شڪرالاھي جون ہنھ جي رھائش گاھ تي پھتل صحافين جي وفد کي ڏنل بريفنگ
منشيات نوجوان نسل جي تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيون آهن، سيد اعجاز علي شاھ انٽر
نئشنل هيومن رائٽس موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نامور وڪيل سيد اعجاز حسين منشيات جي وڌندڙ استعمال توڙي ضلعي ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني،ڌاڙن،ڦرن ۽ چورين جي آزاد تي سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته منشيات اسان جي نوجوان نسل کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان مختلف نفسياتي، جسماني ۽ سماجي مسئلن جو شڪار آهي، ۽ ان جو وڏو سبب منشيات جو وڌندڙ لاڙو آهي.
سيد اعجاز چيو ته منشيات وڪڻندڙ مافيا نه صرف نوجوانن کي پنهنجو شڪار بڻائي رهي آهي، پر ملڪ جي ترقيءَ جي راهه ۾ به وڏي رنڊڪ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ان سنجيده مسئلي جي حل لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ميڊيا، تعليمي ادارن، والدين ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سيد اعجاز حڪومت کان مطالبو ڪيو ته منشيات وڪڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. هن چيو ته نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جي ذهني ۽ جسماني تربيت لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ انساني حقن جي ترجمان تنظيم انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ سنڌ جي سرواڻ نامور قانوندان سيد اعجاز علي شاھ
پنھنجي رھائش گاھ تي پھتل صحافين جي وفد کي ڏنل بريفنگ ۾ وڌيڪ اھو پڻ چيو ته ھن وقت ضلعو ٺٽو مڪمل طور تي ڌاڙيلن ۽ منشيات فروشن جي ور چڙھيل آھي ان ڪري ھڪڙي پاسي زھريلو نشو آئيس،ڪچو شراب ۽ بس اسانجو نوجوان نسل تباھ ڪري ته ٻئي پاسي ضلعي ٺٽي ۾ تيزي سان وڌندڙ ڌاڙن،ڦرن ۽ بدامني جي واقعن ضلعي ٺٽي جو امن۽ سڪون مڪمل
طور تي تباھ ڪري ڇڏيو آھي جڏھن تہ ضلعو ٺٽو نه صرف اسانجن بزرگن ۽ وڏڙن جي ابدي آرام گاھ آھي پر ضلعو ٺٽو ماضي ۾ عظيم ثقافت،واپار،علم ادب،تھذيب توڙي امن،سڪو. ۽ شانتي جو مرڪز رھيو آھي ان ڪري ضلعي ٺٽي کي بدامني،بارود ء منشيات جي باھ جلندي ھرگز برداشت نٿو ڪري سگھان ھن اعلان ڪندي چيو ته واپاري عبدالرزاق ميمڻ کان ٿيل ڦر فوري طور تي واپس ڏياري وڃي ۽ ھو. اڄ کان پوء ضلعي ٺٽي جي ڪنھن بہ ٿاڻي يا صوبيدار جي حد ۾ منشيات،ڌاڙي،ڦر يا دھشتگردي جو واقعو ٿيو ته پوء ان پوليس صوبيدار خلاف نه صرف ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل پر انساني حقن جي نمائندا تنظيم انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ جي پليٽ فارم تان ضلعي ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني،رھزني،دھشتگردي ۽ منشيات خلاف ھاڻ قانوني جنگ ڪرڻ سان گڏ ضلعي ٺٽي جي پوليس گردي جي شڪار مظلوم ۽ مسڪين ماڻھن جا ڪيس پڻ مفت ۾ وڙھڻ توڙي ساڻن ھر قسم جي قانوني مدد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪريان ٿو
آخر ۾ ھن ضلعي ٺٽي جي واپاري ۽ صحافي برادري توڙي ضلعي ٺٽي جي روشن خيال مردن توڙي عورتن سميت ضلعي جي سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ سمورن ساڃاھ وند ڌرين کي عيد جون مبارڪون ڏيڻ سان گڏ کين اھو پڻ پيغام ڏنو آھي ته آھي ته سياسي ڀوتارن جي چڪر مان ٻاھر نڪري اگر توھان حقيقي معني ۾ ضلعي ٺٽي جي ترقي،تعمير ۽ خوشحالي چاھيو ٿا ته پوء ھاڻ فورن انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ جي پليٽ فارم تي متحد ۽ شامل ٿي ضلعي ٺٽي جي ھر گھر تي ترقي،امن ۽ خوشحالي جا پرچم جھولايو