ٺٽو (مھران ٽي وي نيوز ڊر ٺٽو عبدالقیوم شیخ ujo sindh)
ناياب ۽ قيمتي وڻ ڄار (کٻڙ) جي پابندي باوجود ضلعي ٺٽي جي مختلف علائقن ۾ ڄار جي وڻ جي واڍي جو ڪم تيزي سان جاري آهي جنهن سان قيمتي ۽ ناياب وڻ جا نسل ختم ٿيڻ لڳا ڄاڻ موجب ضلعي ٺٽي ۾ ساڪرو ڪيٽي بندر گهوڙااڙي کاروڇاڻ جي دريائي بندن ۽ ٻيلي سمند دريا جي پيٽ واري علائقن ۾ ڄار جا وڻ هزارن جي تعداد ۾ ٿين ٿا
ٺٽو ساڪرو گهوڙاٻاڙي کارو ڇاڻ ڪيٽي بندر تعلقن جي علائقن ۾ ڄار جي ڪاٺي جي واڍي جو سلسلو وڏي تيزي سان جاري آھي ڄار جي وڻ رات جي پيٽ ۾ ٽرڪن ٽيڪٽرن ۾ لوڊ ڪري ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن اماڻيا وڃن ٿا ڄار جي وڻ جي ڪاٺي مان خاص قسم جو گٿو ۽ پاڙ مان ڏنڌڻ وغيرا تيار ڪيو وڃي ٿو ڄار جي واڍي سان مالوند ماڻھون تي پڻ اثر پئي ٿو مقامي سطح تي بااثر لاشعوري لاچي ماڻھون پنهنجي ڏاڊ مڙسي ڪرڻ لاءِ غير قانوني واڍي ڪري مڻن جي حساب سان مقامي واپارين کي ڏين ٿا جيڪي ٻين علائقن ڏانهن مهانگي اگهه ۾ وڪرو ڪن ٿا وڻ جن نسل ڪشي ۾ ڪيترائي بااثر ماڻهو ۽ ٻيلو خاتو پڻ ان ۾ سدو ملوث آهي جڏهن ته گهارو جي ٻيلي خاتي جي چيڪ پوسٽ گهارو تي رات دير سان ڄار جي ڪاٺي سان ڀريل ٽرڪ ۽ ٽيڪٽر اسان فاريسٽ ڄيڪ پوسٽ گهارو کي پڻ پڪڙي ڏنا ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي ٻيلو خاتو چيڪ پوسٽ گهارو گرفتار ڪرڻ بجائي وڏي رشوت وٺي ڪري ڪجهه دير کانپوءِ مبينا ڏيتي ليتي ڪرڻ بعد ٽرڪ ۽ ٽيڪٽر کي ڇڏي ڏنو هوڏانهن ناياب ۽ قيمتي وڻ ڄار جي واڍي ۽ وڪري تي هتان جي سياسي سماجي ڌرين ۾ سخت گڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چند ٽڪن جي خاطر قيمتي ۽ ناياب وڻ جي واڍي ڪري ماحوليات کي نقصان رسائڻ وارو عمل جي سخت مذمت جوڳو آهي قيمتي وڻ جي نسل کي بچائڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي پنهجو ڪردار ادا ڪري تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن