November 16, 2026

سکھر سندھ بیورو چیف ۔سید نصیر۔حسین زیدی آن لاین نیوز *ايس يو پي سربراهه سيد زين شاھ سان اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي ملاقات*

IMG-20250106-WA0228

سکھر سندھ
بیورو چیف ۔سید نصیر۔حسین زیدی آن لاین نیوز
*ايس يو پي سربراهه سيد زين شاھ سان اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي ملاقات*

*سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ بدامني خلاف گڏيل جدوجهد تي اتفاق*
*سنڌ ۾ بدامني خلاف جماعت اسلامي جي اي پي سي وقتائتو فيصلو آھي، زين شاھ*
ڪراچي (ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاهه سان جماعت اسلاميءَ جي سينئر اڳواڻ اسداللہ ڀٽو جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهايو ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ بدامني، سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي۽ زمينن جي بندر بانٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هنن سنڌ ۾ تسلسل سان قائم پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو ان عمل تي مجرماڻي ڪردار کي اسنڌ دشمني قرار ڏنو.

ملاقات دوران سنڌ حڪومت پاران عمرڪوٽ ضلعي ۾ 14,800 ايڪڙ زمين ۽ ان جي استعمال لاءِ پاڻي ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ جي سخت مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۾ پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ گڏجي جمهوري ۽ پرامن جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

وفد ۾ جماعت اسلاميءَ جا اڳواڻ سابق صوبائي امير محمد حسين محنتي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالقدوس احمداڻي، سيڪريٽري اطلاعت مجاهد چنا ۽ سيد رضا علي شامل هئا. ان کان علاوه، ايس يو پي جا اڳواڻ منير نائچ، منير حيدر شاهه ۽ خواجه نويد آمين پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.

سيد زين شاهه جماعت اسلاميءَ جي سکر ۾ بدامني خلاف آل پارٽيز ڪانفرنس جو خيرمقدم ڪندي ان کي وقتائتو فيصلو قرارڏنو. هن چيو ته ھن وقت سموري سنڌ بدامنيءَ جي باھ ۾ ٻري آهي خاص طور اتر سنڌ عملي طور ڌاڙيلن حوالي ڪئي وئي آھي. پ پ حڪومت امن توڙي سنڌ جي حقن جي حفاظت ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي ھر طرف سنڌ جي بربادي جو سامان گڏ ڪيو پيو وڃي.جنھن حڪومت کي سنڌ جي مفادن توڙي عوام جي حقن جو محافظ ھجڻ کپي ھا اھا چورن سان ملي وئي آھي.ان موقعي تي سنڌو بچايو تحريڪ جي پليٽ فارم تان 11 جنوري تي حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ 12 جنوري تي ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين پاڻي مٿان ڌاڙي ۽ سنڌو کان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف بيداري مارچ جو اعلان ڪيو ويو. جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ مولانا اسداللہ ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت شهرين جي حفاظت ۽ سنڌ جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. ڇنڇر کان درياه بچايو بيداري مارچ ۾ جماعت اسلامي ڀرپور شرڪت ڪندي. سنڌ کي سورن کان ڪڍڻ لاءِ ھر سنڌ دوست فرد کي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.#
جاري ڪندڙ: مجاھد چنا، سيڪريٽري اطلاعات جماعت اسلامي سنڌ 03002346623