November 16, 2026

ٺٽورپوٽ دعا نيوز عبدالعزيز شيخ ٺٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهي سرگرمين تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ ھڪ شھري ڦرجي ويو، پوليس رڳو منٿلي اوڳاڙي ۾ مصروف بڻيل، ٺٽي شھر جي درگاه بابو شاه بودلو وٽان نامعلوم

20241123_213319

ٺٽورپوٽ دعا نيوز عبدالعزيز شيخ
ٺٽي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهي سرگرمين تي ضابطو نه اچي سگهيو، وڌيڪ ھڪ شھري ڦرجي ويو، پوليس رڳو منٿلي اوڳاڙي ۾ مصروف بڻيل، ٺٽي شھر جي درگاه بابو شاه بودلو وٽان نامعلوم ھٿياربند ڦورو ھٿيارن جي زور تي ٺٽي شھر واسي عرفان سمون کان ڏيڊ لک روپيہ ڪيش رقم، 2 موبائل فونون ۽ ھڪ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف ور شَھر مان ڏينھن ڏِٺي سرڪاري اَسپتال مان عِلاج ڪرائڻ لاءِ آيل ھڪ مريض جي موٽر سائيڪل ڪي نامعلوم چور چوري ڪري ويا، ھوڏانھن ٺٽي شھر جي اسلام پور محلي وارڊ 3 ۾ قائم آخوندن جي مسجد جا ڪن نامعلوم چورن دروازا ٽوڙي مسجد ۾ رکيل قيمتي بيٽري چوري ڪري ويا، حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ توڙي رپورٽون درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، شھرين مطالبو ڪيو آھي تہ ڏوھارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري عوام کي تحفظ مھيا ڪري عوام جي محافظ پوليس جيڪا ڀتا خوري توڙي اوڳاڙي ۾ مصروف بڻيل آھي، ان خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ٺٽو(پيرل پياسي) ڪينجھر ڍنڍ ڪناري کنڀو مياڻ جي وڏي آبادي واري ڳوٺ عبدالله گندرو ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان داخل ٿيل ڪينجھر ڍنڍ جو پاڻي انتظاميہ پاران نہ ڪڍڻ بعد مقامي ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺ ڏانھن وڌندڙ پاڻي کي ڳوٺ جي اڌ حصي مان بند ڏياري پاڻي ڪڍرائڻ لاء ڪرائي تي وڏيون مشينون آڻي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو سلسلو جاري ڪرائي ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد حاجي سومار گندرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ڪينجھر ڍنڍ ۾ حد کان وڌيڪ پاڻي اچڻ ڪري ايريگيشن کاتي پاران برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڪينجھر ڍنڍ ۾ لڳايل پائيپن جا منھن بند نہ ڪرڻ توڙي وڏي بچاء بند مان پاڻي سيمو ڪري سندن گھرن ۾ 3 کان 4 فوٽ تائين پاڻي داخل ٿي بيھي رھيو آھي، جنھن ڪري ھو سخت پريشان ٿيندا رھيا ۽ ضلعي انتظاميہ، چونڊيل نمائندن سان گڏ يوسي چيئرمين کي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء چيو پر يوسي چيئرمين چيو تہ ھن پاڻي نيڪال ڪرائڻ تي 5 لک روپيہ خرچ ٿيندا، اوتري وٽس بجيٽ موجود ناھي، حاجي سومار گندرو چيو تہ پوء انتظاميہ طرفان مايوس ٿي اڳوڻي ضلعي ناظم ٺٽو سيد شفقت حسين شاھ شيرازي جي تعاون سان ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت 60 ھزار روپيہ خرچ ڪري ڳوٺ جي اڌ حصي مان پاڻي کي بند ڪري مشينون لڳرائي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آھي، جڏھن تہ اڌ ڳوٺ ۾ اڃان بہ وڏو پاڻي بيٺل اھي، جيڪو نيڪال ڪرائڻ اسان ڳوٺاڻن جي وس جي ڳالھ ناھي رھي، حاجي سومار گندرو ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تہ سندن ڳوٺ کي پاڻي کان محفوظ رکڻ لاء الڳ رنگ بند ڏيئي، رھيل اڌ ڳوٺ مان ڍنڍ جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺاڻن کي وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.

: ٺٽو(بيورو چيف) جيئي سنڌ تحريڪ ڪرناڻي گروپ پاران گڏيل تنظيمن جو ھڪ اھم اجلاس ٺٽي شھر لڳ شھيد شفيع محمد ڪرناڻي جي رھائش گاھ تي منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ راول ڪرناڻي، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ضلعي صدر عمران خشڪ، جساف جسقم (بشير خان) جي مالڪ بروھي، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي معصوم زئور، سنڌ سڀا جي حسن حمائتي، جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي اڳواڻن اڪبر بروھي، باغي فرھاد ميمڻ، جست ڪارڪن صدام شيخ، قومي ڪارڪن شيراز ميمڻ، نبي بخش ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته پھرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏيھاڙي جي موقعي تي سنڌو درياء مان 6 ڪينال ڪڍڻ جي خلاف آڇر ڏينھن صبح جو11 وڳي مڪلي پارڪ کان ٺٽي جي مين رڪشا اسٽاپ تائين پيدل مارچ ڪري ثقافتي ڏيھاڙي کي ڀرپور نموني ملھائي اھو مطالبو ڪيو ويندو تہ سنڌو درياء تي ٺھندڙ ڪئنالن کي فورن ختم ڪري سنڌ جي ماڻھن کي پريشاني کان بچائي سنڌ جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻجڻ کان بچايو وڃي.