October 28, 2026

اطلاعات کاتو سنڌ ضلعو ٺٽو (ھينڊ آئوٽ ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان رقم وصول ڪندڙ عورتن لاءِ ضروري ھدايتون جاري –

20241014_195212

اطلاعات کاتو سنڌ ضلعو ٺٽو

(ھينڊ آئوٽ )

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان رقم وصول ڪندڙ عورتن لاءِ ضروري ھدايتون جاري –

مستحق عورتن کي گھرجي ته ھو پنهنجي ويجھي بسپ سينٽر تي ڊائنا مڪ سروي ضرور ڪرائين – ذوالفقار علي ابڙو

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط ھاڻي صرف انھن خاندانن کي ملندي جن جي ڊائنا مڪ سروي ۾ شامل ٿيل ھوندا – ڊائريڪٽر بسپ ٺٽو

ٺٽو : 14 آڪٽوبر 2024 (ھ.آ ) ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٺٽو ذوالفقار علي ابڙو چيو آهي ته ڊائنامڪ سروري نه ڪرائيندڙ بي نظيري انڪم سپورٽ پروگرام مان قسط ذريعي مسلسل رقم وصول ڪندڙ عورتن کي گھرجي ته ھو جلد کان جلد پنهنجي ويجھي بي آئي ايس پي سينٽر تي ڊائنامائيٽ مڪ سروري ڪرائين سروري نه ڪرائيندڙ خاندانن جي ھي آخري قسط ھوندي – ذوالفقار علي ابڙو وڌيڪ چيو ته ھاڻ بي آئي ايس پي جي قسط انھن خاندانن کي ملندي جيڪا ڊائنا مڪ سروري ڪرائيندا ، ھن چيو ته ڊائنا مڪ سروي ڪرائڻ لاءِ ايندڙ عورتون پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ کڻي اچن ته جيئن ڪو به خاندان سروي کان رھجي نه وڃي ۽ انهن کي ملندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط بند نه ٿي سگهي ،ان سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحق ماڻهن کي فائدو حاصل ٿي سگهي – ھن عوام کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته ھن پيغام کي ھر گھر تائين پھچايو وڃي ته جيئن ضلعي ٺٽي جون مستحق عورتون مالي مدد کان محروم نه رھن – ھن ضلعي جي سڀني سڄاڻ ڌرين خاص طور تي يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن ، ڪائونسلرن ، سماجي ورڪرن ۽ رضاڪارن کي پڻ اھا اپيل ڪئي آهي ته پنهنجي پنهنجي وٺڻ ،شھرن ۾ ھي پيغام پھچائن ته اسان جي ضلعي ٺٽي جون رھيل عورتون بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسن يا سندن علائقن ۾ ھلندڙ سروري ٽيمن وٽ ڪرائين ، ٻي صورت ۾ انھن جي ھلندڙ قسط بند ڪئي ويندي- نوٽ ٻيھر سروي لاءِ ڪمپيوٽرائز شناختي ڪارڊ ، ٻارن جو “ب ” فارم ۽ موبائيل نمبر جو ھئڻ ضروري آهي – ھن سروي جي ڪابه فيس وغيره نه آهي ۽ سوري بلڪل مفت ڪئي پئي وڃي