سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه جو مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي ڏک جو اظهار
سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه جو مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي ڏک جو اظهار
سکر: پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صوبائي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه خيرپور رياست جي آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان، خاص طور تي مرحوم جي فرزند پرنس مير مهدي رضا ٽالپر سان دلي تعزيت ڪئي آهي.
پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ايڊووڪيٽ سيد شفقت علي شاهه چيو ته مير علي مراد خان ٽالپر جو انتقال نه صرف ٽالپر خاندان پر پوري سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي.
هن چيو ته مرحوم خيرپور جي تاريخ، ثقافت ۽ شاهي ورثي جي هڪ معتبر ۽ تاريخي سڃاڻپ هو. هن چيو ته خيرپور رياست جي ڀلائي ۽ تاريخ ۾ مرحوم جي خاندان جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.
هن مرحوم جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي وارثن سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اڳواڻ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مير علي مراد خان ٽالپر ثاني کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سمورن پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.