7

ٺٽو: سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي، حي رپوٹ عبدالعزیز شیخ درآباد ڊويزن جي اهتمام هيٺ ۽ گرين برڪس

ٺٽو: سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي، حي
رپوٹ عبدالعزیز شیخ
درآباد ڊويزن جي اهتمام هيٺ ۽ گرين برڪس فائونڊيشن جي سهڪار سان ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن بابت هڪ اهم مشاورتي اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سرڪاري ادارن، قانوني ماهرن، سماجي تنظيمن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ انساني حقن واري کاتي، حڪومت سنڌ، حيدرآباد ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صدام حسين چانڊيو، گرين برڪس فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زاهد ٿهٻو، ضلعي ٺٽي جي انساني حقن واري کاتي جي انچارج الطاف حسين تنيو، ڊسٽرڪٽ هيومن رائيٽس ڪميٽي جي ميمبرن ايڊووڪيٽ سيد اعجاز حسين شاهه ۽ وقار النساء، ڊي آءِ بي انچارج اي ڊي شيخ، ايڊووڪيٽ امت الحفيظ، ايڊووڪيٽ نورالعين انڙ، ايڊووڪيٽ اعجاز بڊاڻي، سينيئر صحافي آغا حسن عباس، واحد شورو، حميد چنڊ، قادر جاکڙو، ساجد شيخ باغي غلام علي جاکھرو زاھد جوکيو مشتاق شورو، تعليم کاتي مان فوزيه رند، آمنه پهنور ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن، سماجي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي موجوده صورتحال، عوام کي پيش ايندڙ مسئلن، عورتن، ٻارن، مزدورن، اقليتي برادرين، تعليم، انصاف تائين رسائي ۽ ٻين بنيادي انساني حقن سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيال ونڊيو ويو. شرڪت ڪندڙن پنهنجي پنهنجي شعبي سان لاڳاپيل تجويزون پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انساني حقن جي تحفظ ۽ واڌاري لاءِ سڀني لاڳاپيل ادارن وچ ۾ اثرائتو رابطو، گڏيل سهڪار ۽ منظم حڪمت عملي انتهائي ضروري آهي.

شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ واڌاري، عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، متاثر ماڻهن کي بروقت انصاف جي فراهمي ۽ مختلف ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي لاءِ گڏيل ڪوششون وڌيڪ مضبوط نموني جاري رکيون وينديون.

ان موقعي تي 15 انچارج انسپيڪٽر مسلم شيخ پاران اجلاس دوران سيڪيورٽي جا سخت ۽ مؤثر انتظام ڪيا ويا، جن کي سڀني شرڪت ڪندڙن ساراهيو.

اجلاس خوشگوار ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتو، ۽ شرڪت ڪندڙن ان کي ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي تحفظ، واڌاري ۽ ادارن جي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم ۽ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں