ٺٽورپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ بدين ضلعي جي رھواسڻ شھزادي جت پنھنجي مرضي سان ضلعي
ٺٽورپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ بدين ضلعي جي رھواسڻ شھزادي جت پنھنجي مرضي سان ضلعي سجاول جي رھواسي پنھنجي سئوٽ نظير احمد جت سان حيدرآباد ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، مائٽن مان ملندڙ موتمار ڌمڪين سبب ٺٽي پھچي تحفظ جي اپيل ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ بدين شھر جي محلہ ريلوي ڪالوني جي رھواسڻ نوجوان 18 سالہ عورت مسمات شھزادي ڌيء محمد جمن جت پنھنجي مڙس نظير احمد ولد علي محمد جت سان گڏ ٺٽي شھر ۾ صحافين وٽ پھچي تحفظ جي اپيل ڪندي چيو آھي تہ ھن پنھنجي مرضي سان پنھنجي گھران نڪري پنھنجي سئوٽ جاتي چوڪ لڳ ڳوٺ زمان شاھ ضلعي سجاول جي رھواسي نظير احمد جت سان حيدراباد جي عدالت ۾ 3 ڏينھن اڳ تاريخ 2 جولاء 2026 تي شريعت محمدي موجب حق نڪاح شادي ڪري ڇڏي اھي، جنھن سان ھوء خوش زندگي پئي گذاري، پر ھاڻي شادي ڪرڻ بعد سندس مائٽ عزيز جن ۾ پيء جمن جت، ڀاء نويد، سئوٽ، عرس، رمضان، چاچو قاسم جت، اڪرم جت، چاچو علي محمد جت، عرس، حاجي، اڪرم جت ۽ بيا سندس ۽ سندس مڙس جا جاني دشمن بڻجي ويا آھن، جيڪي کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي قتل ڪرڻ چاھين ٿا، جن مان کين جاني نقصان جو خطرو اھي، جنھن ڪري ھو دربدري واري زندگي گزارڻ تي مجبور بڻيل آھن، مسمات شھزادي چيو تہ کيس ڪنھن بہ ورغلايو يا اغوا ناھي ڪيو، ھو پاڻ وات وڪيل آھي ڳ پنھنجي مرضي سان پنھنجي مائٽن جو گھر ڇڏي پنھنجي ئي سئوٽ سان شادي ڪري ڇڏي آھي، جنھن بعد سندس مائٽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ توڙي کين موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا اھن جن مان کين نقصان جو خطرو آھي، مسمات شھزادي ۽ سندس مڙس نظير احمد جت چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين ۽ سجاول سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ مھيا ڪري کين موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ سندن وارثن خلاف ڪاروائي ڪري کين دربدري واري زندگي مان نجات ڏياري نئين زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪيو وڃي، جيئن ھو خوشحال زندگي گذاري سگھن.