23

ٺٽو رپوٽ دعا نيوز عبدالعزيز شيخ سنڌ ڪلچرل فورم پاران جرمن ڄائي نامور اديبه

ٺٽو رپوٽ دعا نيوز عبدالعزيز شيخ
سنڌ ڪلچرل فورم پاران جرمن ڄائي نامور اديبه، تعليمي ماهر ۽ فطرت دوست امڙ ايلسا قاضيءَ جي 59هين ورسيءَ جي موقعي تي مڪلي جي پبلڪ پارڪ ۾ نم جي وڻن جا ٻوٽا پوکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو چيو ته ايلسا قاضيءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو انگريزي زبان ۾ خوبصورت ترجمو ڪري سنڌي ادب کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي سبب سنڌ جو ماحول متاثر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري عوام وڌ کان وڌ وڻ پوکي ماحول بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
تقريب ۾ محمد خاصخيلي، علي گل ماڇي، لطيف صادق ۽ ٻين ماحول دوست ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں