رپوٹ عبدالعزیز شیخ
ايوان صحافت پريس ڪلب ٺٽو جي وفد صدر علي اڪبر دلواڻي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي، سيد امتياز علي شاهه شيرازي، ضلعي ٺٽي جي سينئر نائب صدر ۽ ضلع ڪائونسل چيئرمين وڏيرو عبدالحميد پنهور، ترجمان محسن هائوش ۽ شاھنواز لوھار سان ملاقات ڪئي۔
وفد ۾ سينئر نائب صدر انيس احمد هيلايا، نائب صدر نواب شفيق احمد عابداڻي، جنرل سيڪريٽري نثار احمد گندرو، جوائنٽ سيڪريٽري ارشاد عمر گندرو، انفارميشن سيڪريٽري شير علي شاهه، خزانچي لالا شعيب پٺاڻ ۽ ورڪنگ ڪميٽي ميمبر قربان مگسي عزیز شیخ پڻ شامل هئا۔ ملاقات دوران وفد پاران سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته علائقي جي صحافتي، سماجي ۽ سياسي صورتحال سميت مختلف اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي۔ ان موقعي تي باهمي سهڪار، صحافتي ذميوارين ۽ ضلعي جي ترقي بابت به تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔