ٺٽو رپورٽ عبدالعزیز شیخ
ضلعو ٺٽو ۾ تعليم جي بهتري ۽ تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ نئين مقرري کانپوءِ سيد محمد هاشم شاه ضلعي تعليم آفيسر (ڊي اي او) پرائمري ٺٽو طور پنهنجي چارج سنڀالي ورتي آهي.چارج سنڀالڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سيد محمد هاشم شاه چيو ته ٺٽو هڪ وسيع ۽ پٺتي پيل ضلعو آهي، جتي تعليم جي شعبي کي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته ضلعي ۾ تعليم جي واڌاري، اسڪولن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، استادن جي حاضري يقيني بڻائڻ ۽ ٻارن جي داخلا وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.هن وڌيڪ چيو ته تعليم ڪنهن به سماج جي ترقي جو بنيادي ذريعو آهي، تنهن ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم جي فراهمي، تعليمي ماحول جي بهتري ۽ والدين ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته ضلعي جي هر ٻار تائين تعليم جي روشني پهچائڻ سندس اولين ترجيح هوندي.سيد محمد هاشم شاه ان عزم جو اظهار ڪيو ته تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ مقامي برادري جي سهڪار سان ٺٽي ۾ تعليمي شعبي کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻايو ويندو ته جيئن نئين نسل کي معياري تعليم جا بهتر موقعا فراهم ٿي سگهن.
مقبول خبریں
نیوز لیٹر میں شمولیت
تازہ ترین خبریں روزانہ اپنے میل باکس میں حاصل کرنے کے لیے ہمارے نیوز لیٹر میں سبسکرائب کریں۔ بے فکر رہیں، ہمیں بھی سپیمنگ سے نفرت ہے!
[contact-form-7 id="287" title="subscribe"]اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں
مزید پڑھیں
مقبول خبریں
نیوز لیٹر میں شمولیت
تازہ ترین خبریں روزانہ اپنے میل باکس میں حاصل کرنے کے لیے ہمارے نیوز لیٹر میں سبسکرائب کریں۔ بے فکر رہیں، ہمیں بھی سپیمنگ سے نفرت ہے!
[contact-form-7 id="287" title="subscribe"]