48

دعانیوز۔ ان لائن چیف عبدالقیوم شیخ جاتي شهر جي راڄ ملڪ روڊ ڀرسان موجود قيمتي سرڪاري زمين تي سوي سالن کان بااثر قبضا مافيا جو غير قانوني قبضو برقرار جنهن سبب نه

دعانیوز۔ ان لائن چیف عبدالقیوم شیخ

جاتي شهر جي راڄ ملڪ روڊ ڀرسان موجود قيمتي سرڪاري زمين تي سوي سالن کان بااثر قبضا مافيا جو غير قانوني قبضو برقرار جنهن سبب نه

رڳو سرڪاري ملڪيت ضايع ٿي رهي آهي پر عوام پڻ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي……….
شهرين جو چوڻ آهي ته اها سرڪاري زمين عوامي مفادن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي جتي پارڪ فٽ پاٿ پارڪنگ يا ٻين فلاحي منصوبن ذريعي عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو پر افسوس جو بااثر ماڻهن پنهنجي طاقت ۽ اثر رسوخ استعمال ڪندي هن زمين تي قبضا قائم ڪري ڇڏيا آهن ………….
ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر سجاول اسسٽنٽ ڪمشنر جاتي ۽ مختيارڪار صاحب کي سموري صورتحال جي مڪمل ڄاڻ هجڻ باوجود اڃا تائين ڪا اثرائتي ڪارروائي نظر نه اچي سگهي آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قبضا مافيا ايتري طاقتور بڻجي چڪي آهي جو قانون به انهن اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن…………..
شهرين ۽ سماجي حلقن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سرڪاري زمين تان فوري طور قبضا ختم ڪرائي زمين واپس سرڪار جي تحويل ۾ ورتي وڃي ۽ ان کي عوامي ڀلائي جي منصوبن لاءِ استعمال ڪيو وڃي جيئن عام ماڻهن کي حقيقي فائدو پهچي سگهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں