4

سکر: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي نون عهدديدارن جي حلف برداري تقريب پهرين مئي تي ٿيندي

سکر: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي نون عهدديدارن جي حلف برداري تقريب پهرين مئي تي ٿيندي
سکر: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) سکر جي نون عهدديدارن براءِ سال 2026-27 جي شاندار حلف برداري تقريب پهرين مئي بروز جمعو شام جو سکر جمخانا ۾ منعقد ٿيندي، جنهن ۾ شهر ڀر مان ڊاڪٽرن، طبي ماهرن، سماجي شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
تقريب جا مهمانِ خاص ڊاڪٽر عبدالغفور شورو (سيڪريٽري جنرل، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سينٽرل) هوندا، جڏهن ته ٻين معزز مهمانن ۾ ڊاڪٽر ديالي گل (صدر پي ايم اي سنڌ) ۽ ڊاڪٽر نظام حسين ببر سميت سينيئر ڊاڪٽر ۽ هيلٿ سيڪٽر سان لاڳاپيل اهم شخصيتون شامل هونديون. تقريب دوران نوان عهدديدار پنهنجن عهدن جو حلف کڻندا ۽ ايندڙ سال لاءِ پنهنجون ترجيحون ۽ لائحه عمل پڻ پيش ڪندا.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) سکر جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو چيو آهي ته هي حلف برداري تقريب پي ايم اي سکر جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ خوش آئند سنگ ميل ثابت ٿيندي. هنن عزم ظاهر ڪيو ته تنظيم کي وڌيڪ مضبوط، منظم ۽ فعال بڻايو ويندو ته جيئن ڊاڪٽرن کي هڪ اثرائتو پليٽفارم مهيا ڪري سگهجي.
هنن وڌيڪ چيو ته پي ايم اي سکر پنهنجي نئين ٽيم سان گڏ هڪ مضبوط، فعال ۽ باوقار پليٽفارم جي قيام لاءِ ڪوشان آهي، جتي ڊاڪٽرن جي آواز کي نه رڳو ٻڌو ويندو پر انهن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل پڻ ڪيو ويندو. تنظيم ڊاڪٽرن جي پيشاورانه حقن جي تحفظ، اسپتالن ۾ سهولتن جي بهتري، نوجوان ڊاڪٽرن جي رهنمائي ۽ عوامي صحت جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب تقريب دوران صحت جي شعبي کي درپيش چيلينجن، ڊاڪٽرن جي سيڪيورٽي، سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ سهولتن جي بهتري ۽ عوام کي معياري طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جهڙن اهم معاملن تي به خيال ونڊيا ويندا. ان موقعي تي مختلف تجويزون ۽ قراردادون پڻ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.
پي ايم اي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تنظيم کي هڪ مثالي اداري طور قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري آهن ۽ ايندڙ دور ۾ ڊاڪٽرن ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هنن چيو ته پي ايم اي نه رڳو ڊاڪٽرن جي حقن جي نگهبان آهي پر عوامي خدمت جي جذبي تحت صحت جي شعبي ۾ مثبت تبديليون آڻڻ لاءِ پڻ سرگرم آهي.
وڌيڪ، تقريب دوران نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن کي اعزازي شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا، جڏهن ته نوان عهدديدار پنهنجي ذميواريون سنڀالڻ بعد صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ عملي قدمن جو اعلان ڪندا.
پي ايم اي سکر هن عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو آهي ته اها هڪ مضبوط ۽ بااعتماد تنظيم طور اڀرندي، جيڪا نه رڳو ڊاڪٽر برادري جي نمائندگي ڪندي پر عوامي ڀلائي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ صحت جي نظام کي جديد گهرجن مطابق بڻائڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں