ٺٽو رپوٹ عبد العزیز شیخ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت عوام کي اپيل ڪئي
ٺٽو
رپوٹ عبد العزیز شیخ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٿليسميا جي مريضن جي مدد لاءِ شروع ڪيل بلڊ ڊونيشن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ انساني همدردي جو مثال قائم ڪن ۔
ضلعي انتظاميه جي جاري ڪيل اعلاميه موجب 6 اپريل کان 10 اپريل 2026 تائين سول اسپتال مڪلي قائم ڪيل خصوصي وارڊ ۾ رت جا عطيا گڏ ڪيا ويندا ، جيئن ٿليسميا جي مريضن کي بروقت ۽ بنا رڪاوٽ رت جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي ۔
ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاگت پنهنجي بيان ۾ چيو ته عوام جو سھڪار قيمتي انساني زندگين کي بچائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو –
تنهنڪري شهري هن نيڪ مقصد ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن ۽ ضرورت مند مريضن جي زندگي بچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن۔