November 17, 2026

ٺٽو: هاءِ وي ڊويزن ٺٽو جي سب ڊويزن ميرپور ساڪرو ۾ ڪيترين ئي نامڪمل جاري (آن گوئنگ) روڊن

Screenshot_2026-02-21_194242

ٺٽو دعا نيوزان لائن بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ۔

۔۔۔

ٺٽو: هاءِ وي ڊويزن ٺٽو جي سب ڊويزن ميرپور ساڪرو ۾ ڪيترين ئي نامڪمل جاري (آن گوئنگ) روڊن جي اسڪيمن کي سرڪاري ريڪارڊ ۾ مڪمل ڏيکاري وڏي پيماني تي ترقياتي بجيٽ ۾ خرد برد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔

ٺٽو: خبر موجب، اھڙي فراڊ جو ڪارنامو صوبي سنڌ جي انتہائي ڪرپٽ ترين سب انجنيئر بلڊنگ ڊويزن ٺٽو اياز صبایو پاران سرانجام ڏنو ويو آھي، جيڪو او پي ايس تحت غيرقانوني طور اسسٽنٽ انجنيئر جو اضافي چارج وٺي هاءِ وي سب ڊويزن ميرپور ساڪرو ۾ سياسي منشور جي ڀڃڪڙي ڪندي ذاتي مفاد ۽ ڳري رشوت خاطر عوامي ترقياتي اسڪيمن ۾ خرد برد ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي۔

ٺٽو: ياد رهي ته هاءِ وي ڊويزن ٺٽو جي ٽينڊرن ۾ به اياز صبایو دستاويزي فراڊ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو هو اڳوڻن هاءِ وي ٽينڊرن جي جعلي ڪارروائي ۾ پاڻ کي جعلي ٽينڊر ڪميٽي ميمبر ظاهر ڪري وڏي رشوت طلب ڪري دستاويزي جعلسازي ۾ ملوث رهيو آهي۔

ٺٽو: اطلاعن موجب انهن گڏيل جعلسازين ۽ بيقاعدگين خلاف مختلف ادارن ۾ سب انجنيئر اياز صبایو جي خلاف هاءِ ليول جاچ (انڪوائري) شروع ڪئي وئي آهي۔