ٺٽو: رپورٽ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ ڄام تماچي نگر فيڊر کي زيرو لوڊشيڊنگ ايريا قرار ٺٽي جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي
ٺٽو: رپورٽ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
ڄام تماچي نگر فيڊر کي زيرو لوڊشيڊنگ ايريا قرار
ٺٽي جي عوام لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي، جتي ڄام تماچي نگر فيڊر (11 ڪي وي) کي باضابطه طور زيرو لوڊشيڊنگ ايريا قرار ڏنو ويو آهي، جنهن بعد فيڊر کي مڪمل طور لوڊشيڊنگ فري ڪيو ويو آهي۔
هن اهم اڳڀرائي جو سهرو قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق علي ميمڻ ۽ صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي کي وڃي ٿو۔ زيرو لوڊشيڊنگ زون جي باضابطه شروعات جي موقعي تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ خاص مهمان طور قومي اسيمبلي جو ميمبر صادق علي ميمڻ، صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي، حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري، سي او او اعجاز احمد شيخ، چيف انجنيئر ذوالفقار علي ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گلزار احمد دستي شرڪت ڪئي۔
تقريب کي خطاب ڪندي مقررین هن قدم کي عوامي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو۔ حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري چيو ته ٺٽي جي عوام کي بجلي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ حيسڪو جي اولين ترجيح آهي، ان سلسلي ۾ ڄام تماچي نگر فيڊر کي لوڊشيڊنگ فري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلد ئي ٻين علائقن کي پڻ زيرو لوڊشيڊنگ فيڊرز ۾ شامل ڪيو ويندو۔
شهرين حيسڪو جي هن قدم کي ساراهيندي حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو۔ عوام جو چوڻ آهي ته هي قدم بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي سفر ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو۔