November 17, 2026

دعا نیوز آن لائن بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ۔ Thatta سماجي ، سياسي حلقن شھرين ۽ عوام پاران ماروي

IMG-20251230-WA0074

دعا نیوز آن لائن بیوروچیف سندھ عبدالقیوم شیخ۔ Thatta

سماجي ، سياسي حلقن شھرين ۽ عوام پاران ماروي اسغر زاور جي تازي روين تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته هوءَ جيڪو ڪجهه به ڪري رهي آهي، اهو غلط ۽ غير ذميوارانه عمل آهي. بيان ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪو به مسئلو آهي ته سڌي ريت حساب ڪتاب ارشاد پليجو سان ڪيو وڃي نه ڪي صوفي سائين ذوالفقار قادري تي الزام تراشي ڪئي وڃي

حلقن وڌيڪ چيو ته سائين ذوالفقار علي قادري هڪ صوفي منش، امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيندڙ شخص آهي، جنهن هميشه محبت، برداشت ۽ انسانيت جي خدمت کي ترجيح ڏني آهي. صوفي ازم سان واڳيل ذوالفقار علي قادري جو فڪر نفرتن بدران محبتون ورهائڻ، اختلافن بدران گڏيل رستو اختيار ڪرڻ ۽ سماج ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي ٻڌل رهيو آهي. اهڙي شخصيت تي بنا ثبوت الزام هڻڻ نه رڳو ناانصافي آهي پر صوفي روايتن ۽ اخلاقي قدرن جي به توهين آهي.

بيان ۾ چيو ويو ته ذوالفقار علي قادري جي سڃاڻپ هميشه صوفيانه سوچ، درويشي ۽ سماجي ڀلائي سان جُڙيل رهي آهي، تنهن ڪري مٿس لڳندڙ الزام بي بنياد ۽ افسوسناڪ آهن. سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اختلافن کي صوفي ازم جي تعليمات مطابق برداشت، دانائي ۽ گفتگو وسيلي حل ڪيو وڃي ۽ الزام تراشي کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙو رويو سماج ۾ انتشار بدران سڪون ۽ اتحاد پيدا ڪري سگهي ٿو۔