80

ٺٽو ۾ ڊڪيتيون: امن امان جو بحران، شهري پريشان ٺٽو (رپورٽ) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، امن جا سفير

ٺٽو ۾ ڊڪيتيون: امن امان جو بحران، شهري پريشان

ٺٽو (رپورٽ) سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، امن جا سفير سيد الطاف حسين شاهه شيرازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺٽو شهر جي شيرازي گلي مان ڏينهن ڌاڙي، ڊاڪٽر عبدالرحمن نھڙيو جي ڀاءُ، واپاري عبدالرحيم نھڙيو جي ايجنسي آفيس تي ٽي هٿياربند موٽر سائيڪل سوار ڊڪيتن عملدارن کي يرغمال بڻائي، ٻن لک روپيا، موبائل فون ۽ ٻيا سامان لٽي ڪري فرار ٿي ويا. سيد الطاف شاهه شيرازي چيو ته ٺٽو جي امن امان جي صورتحال تمام سنجيده ٿي وئي آهي، جڏهن ته واردات کانپوءِ لٽيرن سيٺ ٽار تي نڪري ويا. هن زور ڀريو ته ٺٽو پوليس مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. روزاني وارداتن سبب شهرين ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي آهي. سيد الطاف شاهه شيرازي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد سميت سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ اعليٰ حڪام کان مطالبو ڪيو آهي ته ٺٽو ۾ روزانو وڌندڙ وارداتن تي ضابطو آندو وڃي ۽ ٺٽو جي تاجرين ۽ شهرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں