بي مثال استاد پروفيسر ڊاڪٽر زاھد منير عامر جي سفرنامن تي لکيل علام عبدالستار عاصم جو لکيل ڪتاب” جہاں اوربھی ہیں” شايع ٿيو آھي
بي مثال استاد پروفيسر ڊاڪٽر زاھد منير عامر جي سفرنامن تي لکيل علام عبدالستار عاصم جو لکيل ڪتاب” جہاں اوربھی ہیں” شايع ٿيو آھي
ناليوارو دانشور اديب شاعر محقق مصنف اديب ۽ استاد پروفيسر ڊاڪٽر زاھد منير عامر جي سفرنامن تي علامـ عبدالستار عاصم جو مرتب ڪيل ڪتاب ” جہاں اوربھی ہیں” شايع ٿيڻ بعد مارڪيٽ ۾ موجود آھي ڪتاب جي ارپنا محسن صحافت بابائي صحافت جناب منير الرحمن شامي صاحب جي خدمتن سان منسوب آھي پاڪستان جا اھم ۽ قابل عزت استاد صاحبان ۽ تمام محقق اگر مختصر کان مختصر فھرست ٺاھن تـ ان ۾ بـ تـ ان ۾ بـ ڊاڪٽر زاھد منير عامر جو نالو سرفھرست ھوندو جناب ڊاڪٽر زاھد منير عامر نـ صرف وطن عزيز ۾ پر پنچاب يونيورسٽي ۾ بـ اعلي ترين تعليم سان گڏ تحقيقي ۽ انتظامي خدمتون سر انجام ڏيڻ سان گڏ عالمي سطح تي بـ ان جي خدمتن جو وڏي پيماني اعتراف ٿيو آھي ھو ھڪ اھڙو استاد ۽ محقق ھيو جيڪو ڪنھن بـ اداري جو حسن ۽ فخر رکڻ جي حثيت رکندو ھو يقينن اسان جو ايندڙ نسل اھڙي عظيم استاد جي نقشي قدم تي ھلي پاڪستان کي تعليم يافتـ ملڪن جي فھرست ۾ پھرين نمبر ٿي آڻي سگھندا ڊاڪٽر زاھد منير عامر تقريبن 60 ڪتابن کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف آھي پاڻ 20 ملڪن جو سفر ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب سفرنامي جي صورت ۾ اردو ادب کي ڏنا سندس سفرنامن کي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ھڪ خاص مڃتا حاصل آھي پاڻ دنيا جي بيشمار ملڪن جا سفر ڪيا ۽ جتي بـ ويو اتي پاڪستان جو سفير ٿي ويو اردو فارسي عربي ۽ انگريزي سميت دنيا جي تمام ٻولين تي سندس عبور حاصل ھو پاڻ اردو کان علاوھ انگريزي فارسي ۽ عربي ۾ بـ پنھنجا سفر نامـ قلم بند ڪيا آھن ۽ اھي شايع پڻ ٿيا آھن دنيا جي درجنين يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽر زاھد منير عامر جي سفرنامن تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا لکيا ويا آھن پاڪستاني يونيورسٽين کان علاوھ جامع الازھر قاھرھ (مصر) يونيورسٽي آف تھران ۾ بـ سندس سفرنامن تي مقالا لکيا ويا ساڍا اٺ سؤ کان مٿي صفحن تي علامـ عاصم منير جو مرتب ٿيل ڪتاب ” جہاں اوربھی ہیں” ڊاڪٽر صاحب جي سفر نامن تي تمام گھڻي محنت وارو ڪم ھو جنھن کي بھترين طريقي سان سر انجام ڏنو ويو ڪتاب جو ٽائيٽل انتھائي دلڪش جيڪو ڏسڻ يوٽان آھي مضبوط جلد ۽ بھترين ڪوالٽي پيپر سان موجود آھي ھي ڪتاب قلم فائونڊيشن جي روايت جو آئيمو آھي ھي علمي تحقيقي ۽ مطالعاتي ڪتاب حاصل ڪرڻ لاء قلم فائونڊيشن جي مين آفيس يثرب ڪالوني بينڪ اسٽاپ والٽن روڊ لاھور ڪينٽ تان خريد ڪري سگھو ٿا
رابطي لاء : 042-36612786-7 يا موبائل نمبر 03000515101 تي رابطو ڪيو
اي ميل qalamfoundation2@gmail.com