ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ جي فرزند شھيد انجينئر ساجد سرور خشڪ جي ورسي تقريب ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي جسقم ميڊيا سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويئي،
ٺٽو رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ جي فرزند شھيد انجينئر ساجد سرور خشڪ جي ورسي تقريب ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي جسقم ميڊيا سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنھن شھيد جي روحن کي ايثال ثواب پھچائڻ لاء قران خواني ڪرائي مرحوم جي معفرت لاء خصوصي دعائون گھرڻ بعد خيرات جي ماني پڻ کارائي ويئي، ورسي تقريب ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايم اين اي سيد اياز علي شاھ شيرازي، پاڻي ماھر، اديب، ليکڪ اوڀايو خان خشڪ، سيد مھتاب شاھ شيرازي، ميونسپل ڪميٽي ٺٽي ھي ڇيئرمين ادا محمد ميمڻ، اڳوڻي ميونسپل ڪميٽي جي ڇيئرمين ممتاز علي ميمڻ، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ غلام نبي کٽي، عبدالغفور ھيجب جاکرو، جسقم جي ضلعي اڳواڻ محمد علي شيخ، نظام جوکيو، جمشيد ھديو، ڊاڪٽر ڪريم بلوچ، محمد عيسيٰ جوکيو، ڪامريڊ نبي بخش سرڪي، نظير لغاري، محمد خان پٺاڻ، منظور ميمڻ سميت سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻن، شھرين، صحافين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو تہ شھيد انجنيئر ساجد سرور خشڪ اسان کان ڪڏھن بہ وسري نٿو سگھي، الله پاڪ کان دعا آھي تہ کيس جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر و جميل عطا فرمائي، ان موقعي تي آيل ماڻھن پاران جسقم وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، سراج خشڪ ۽ بين سان تعزيت ڪري مرحوم جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھري سندن ڏک ۾ شريڪ ٿي ويا.