October 28, 2026

ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر جي مختلف وارڊن جي گھٽين توڙي پلاٽن تي غيرقانوني قبضا توڙي حددخليون جاري، شھري سخت پريشان، گھٽيون بند ٿيڻ ڪري شھرين کي جنازا گھرن مان ڪڍڻ بہ مشڪل بڻجي ويو، شھرين جو احتجاج، انصاف

IMG-20241027-WA0165

ٺٽو(ڊر) ٺٽي شھر جي مختلف وارڊن جي گھٽين توڙي پلاٽن تي غيرقانوني قبضا توڙي حددخليون جاري، شھري سخت پريشان، گھٽيون بند ٿيڻ ڪري شھرين کي جنازا گھرن مان ڪڍڻ بہ مشڪل بڻجي ويو، شھرين جو احتجاج، انصاف جو مطالبو، ان سلسلي ۾ ٺٽي شھر جي وارڊ نمبر 05 ڀٽواڻي محلي جي رھواسي زاھد شيخ ۽ راجا راحيل عارفاڻي دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ سندن گھر وٽان 12 فوٽ جي وڏي گھٽي گزرندي ھئي، جنھن مان گاڏيون گذرڻ سان گڏ سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي دور ۾ ان جو نوابي جلوس بہ ان گھٽي مان گزري اوجھري مسجد تائين پھچندو ھو، جنھن گھٽي تي ڪجھ وقت کان وٺي ارشاد شيخ، اياز شيخ، سجاد شيخ وارن ان گھٽي تي قبضو ڪري ان گھٽي کي سوڙھو ڪرڻ سميت زاھد شيخ جي گھر واري گھٽي جنھن ۾ مسجد پڻ موجود آھي، ان تي غير قانوني دڪان ٺاھي گھٽي کي بند ڪري ڇڏيو اھي، جنھن مان کين اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، جنھن مان ماڻھون پيدل بہ ھلي نٿو سگھي، جتان جنازا ڪڍڻ بہ مشڪل بڻيل آھي، جن سندن گھرن ڀرسان لڳل بجلي جا پول بہ ڪڍرائي ٻاھر ٻين ماڻھن جي پلاٽ ۾ لڳرائي ڇڏيا آھن، جنھن جون دانھون ڊي سي ٺٽو سميت انڪروچمينٽ پوليس کي ڏيئي چڪا آھيان، پر اڃان تائين ڪابہ ڪاروائي ٿي ناھي سگھي، ھنن ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ فورن سندن گھرن جي بند ٿيل گھٽي کي بحال ڪرائي ٿيل غير قانوني قبضا توڙي حدخليون ھٽائي حددخليون ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڊي سي ٺٽو سان ملاقات ڪري کيس روبرو آگاھي ڏياري سندن گھرن جي گھٽي تي ٿيل قبضا توڙي حددخليون ھٽرايون وينديون.