October 28, 2026

بیورو چیف دعا نیوز عبدالقیوم شیخ یونین اف جرنلسٹ ارگنائیزیشن سندھ ٺٽو گهارو لڳ ڳوٺ نورمحمد ٿهيم جي ڪيترن ئي مقامي رهواسين جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ،

IMG-20241009-WA0290

بیورو چیف دعا نیوز عبدالقیوم شیخ یونین اف جرنلسٹ ارگنائیزیشن سندھ

ٺٽو
گهارو لڳ ڳوٺ نورمحمد ٿهيم جي ڪيترن ئي مقامي رهواسين جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ،
ڳوٺ نور ٿهيم جي مقامي ڳوٺاڻن ياسين ٿهيم وزير ٿهيم شاهزيب ٿهيم علي گوهر ٿهيم حاجي محسن ٿهيم ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيترن ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو ته هڪ بااثر شخصيت ارشد ڀٽو سندن رستا روڪ ڪرڻ ۽ کين حراسان ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ڳوٺاڻن احتجاج دوران صحافين کي ٻڌايو ته مقامي ڳوٺاڻن طرفان پنهنجي ذاتي پلاٽ تي هڪ هوٽل جي اڏاوت ڪئي وئي آهي جنهن تي بااثر جي نظر آهي هو ان هوٽل کي زبردستي خريد ڪرڻ گهري ٿو جنهن جي کين ڊمانڊ پڻ ڪئي هئي جيڪا هنن ٺڪرائي جنهن ڪري اهڙي حقيقت بعد هاڻ کين هوٽل لا۽ پاڻي لائين به بااثر پاران نه پئي ڪڍڻ ڏني وڃي جڏهن ته ان کان اڳ بااثر شخصيت ارشد ڀٽو سندن ڳوٺ نورمحمد ٿهيم جي لنڪ روڊ تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن جيڪي مسلسل مقامي ماڻهن کي اچ وڃ دوران حراسان ڪن ٿا ڳوٺ نور محمد ٿهيم جي رهواسي صوبائي وزير جيل خانه اينڊ ورڪس سروس حاجي علي حسن زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي