ضلعي اطلاعات آفيسر عمرڪوٽ پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل باڊي جي مان ۾ آجياڻو.
ضلعي اطلاعات آفيسر عمرڪوٽ پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل باڊي جي مان ۾ آجياڻو.
عمرڪوٽ: (رپورٹ ھریش کمار مالھی ڈسٹرکٹ رپورٹر) ضلعي اطلاعات آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل صدر امين محمد ميمڻ ۽ سندس باڊي جي اعزاز ۾ ضلعي اطلاعات کاتي جي آفيس ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب دوران ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل صدر امين محمد ميمڻ، نائب صدر ممتاز آريسر، جنرل سيڪريٽري مدن گوپال، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسلم مھر، خزانچي نظر سميجو، پريس سيڪريٽري ڪانجي مل رکيسر، ۽ رابطہ سيڪريٽري سھيل ڪنڀر کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي تہ نئين چونڊيل باڊي صحافتي ذميوارين کي وڌيڪ بهتر نموني نڀائيندي ۽ ضلعي جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ مثبت ۽ تعميري صحافت کي هٿي وٺرائيندي. ان موقعي تي ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي چيو تہ ميڊيا ۽ اطلاعات کاتو هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، صحافت معاشري جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، عوام ۽ انتظاميا وچ ۾ رابطي جو پل بڻجڻ ۽ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو تہ ضلعي اطلاعات کاتو صحافتي برادري سان بهتر ۽ مضبوط رابطن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندو. تقريب دوران ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل صدر امين محمد ميمڻ ۽ سندس باڊي جي عهديدارن کي سنڌ جي ثقافت جي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، سنڌي ثقافت ۽ روايتن سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ جي نئين چونڊيل صدر امين محمد ميمڻ ضلعي اطلاعات آفيسر محمد اسلم ڀٽي پاران ڏنل آجياڻي ۽ محبت ڀري ڀليڪار تي ٿورا مڃيندي چيو تہ صحافتي برادري ۽ ضلعي اطلاعات کاتي وچ ۾ سهڪار سان عوامي مسئلن کي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي سينيئر صحافي اجمل مينڌراڻي امتياز علي کوسو، عامر پٺاڻ، ضلعي اطلاعات کاتي جي رميش ڪمار ڪلال، محبت علي سومرو ۽ مينھل ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نئين چونڊيل پريس ڪلب باڊي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو ۽ صحافت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار ۽ بهتر رابطن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.