October 18, 2026

سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی گورئمنٽ ايليمنٽري سيڪيڊري ۽ هائر سيڪيڊري

Screenshot_2026-08-22_110646.268

سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی
گورئمنٽ ايليمنٽري سيڪيڊري ۽ هائر سيڪيڊري اسڪولن م پڙهائيندڙ استادن جي تنظيم ساٽا پروگرام رئيس محمد صديق هائوس تي مولانا محمد بچل خاصخيلي جي ميزباني ۽ مولانا دريا خان سميجو,حمادالله وساڻ جن جي صدارت م سڄي سنڌ جي استادن جو اجلاس ٿي گذريو،

مولانا محمود چاچڙ جن خصوسي خطاب ڪندي چيو ته مولانا محمد بچل جي محنت ۽ ڪاوش سان سڄي سنڌ جي استادن کي گڏ ڪري سڀن استادن جون دليون کٽي ورتيون آهن ۽ بيچيني ختم ڪئي وئي آهي جنهن به هن اجتمائي ڪاز جي مخالفت ۽ ڄاڻي واڻي بغير عذر جي شرڪت نه ڪئي اوهي فنانس ڊپارٽمنٽ جي فيصلي سان برابر جا شريڪ آهن ۽ بيهر به دوستن کي اپيل ٿا ڪيون اڳ م به گھڻو نقصان ٿي چڪو آهي پنهنجي انا کي ڇڏي جدوجهد ڪريون 2023 م جيڪو فنانس ڊپارٽمنٽ استادن خلاف نوٽيفڪشن جاري ڪري 20 گريڊ مان 16 گريڊ تي پھچايو هيو ڪجھ ضلعن مان رٽائيرڊ استادن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وئي هئي جنهن کانپو۽ سنڌ ها۽ ڪورٽ ڪراچي/حيدرآباد/سکر م چيئلج ڪيو ويو الله جي ڪرم سان عدالتن ريلف ڏئي فنانس ڊپارٽمنٽ نوٽيفڪشن تا حڪم ثاني تائين سسپنڊ ڪري سڄي سنڌ جي استادن کي فائدو ڏنو،
وڌيڪ مولانا محمد بچل خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي به عدالتن م ڪيس هلي رهيا آهن انهن جي ڊويزن ليول تي ڪاميٽي جوڙي وڃي سڄي سنڌ مان آيل سينيئر اڳواڻن پنھنجا رايا پيش ڪيا جنهن جي روشني م مولانا دريا خان سميجو ۽ مولانا حماد الله وساڻ،نياز الله مستوئي،عبدالخالق مھر جن سان مشاورت ڪري 6 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو،
1 سکر ڊويزن مولانا محمود چاچڙ
2 حيدرآباد ڊويزن جو مولانا محمد بچل،
3 ميرپورخاص ڊويزن عبدالرحيم خاصخيلي،
4 ڪراچي ڊويزن علامہ ساجد لغاري ۽
5 لاڙڪاڻو ڊويزن علامه فاضل سھتو،عابد راجپر طاھري جن ڪنهن عذر جي ڪري شريڪ نه ٿي سگهيا،
جيڪي دوست اجلاس م شريڪ نه ٿيا هئا دريا خان صاحب اهم ڪدم ڪڻي گروپ بندي ختم ڪرائي انهن کي به میمبر چونڊيو ويو،اجلاس م تع ڪيو ويو ته ڪجھ وقت م فنانس سيڪريٽري صوبائی وزیر ڄام اڪرام اللہ خان ڌاريجو سان به ملاقات ڪئي ویندي،،