رپوٹ دعانیوز عبدالعزیز شیخ
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران صحافين خلاف پوليس گردي ۽ زيادتين خلاف گڏيل جدوجهد جو اعلان
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس (HUJ) يونٽ ٺٽو جو هڪ اهم اجلاس ايوانِ صحافت ٺٽو ۾ ضلعي صدر شبير احمد ڀٽي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري بلاول سمون، نائب صدر علي اڪبر دلواڻي، نظير احمد قريشي، اي بي شورو، منظور احمد عارفاڻي، عبيد جماري، عبدالله راڻو، فيض سنڌي، نثار گندرو، شفيق عابداڻي، لالا شعيب پٺاڻ، انيس هلايا، ارشاد عمر گندرو، موسا سبز پوش، حميد چنڊ، علي محمد درس، حاجن نوتيار، شهريار درس، حيدر شورو، عزيز شيخ ۽ ٻين صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ صحافين خلاف مبينا پوليس زيادتين، پوليس گردي، تنظيمي معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن صحافتي آزادي، صحافين جي تحفظ ۽ تنظيمي اتحاد کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو.
گڏجاڻي دوران صحافين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺندي مرڪزي قيادت کي موجوده صورتحال بابت تفصيلي خط لکي آگاهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن صحافتي جدوجهد کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ منظم استعمال تي پڻ زور ڏنو. اجلاس ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته جيڪڏهن مرڪزي قيادت پاران ڪيل اعلانن تي عملدرآمد نه ٿيو ته ان سان تنظيم کي نقصان پهچي سگهي ٿو. ان موقعي تي چيو ويو ته يونين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ منظم لابي سرگرم آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي صحافين خلاف منفي پروپيگنڊا ۽ ڪردارڪشي ذريعي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون به جاري آهن.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس گردي جو شڪار ٿيل صحافين پيرل پياسي ۽ عبدالله چانڊيو کي انصاف فراهم ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ Pakistan Federal Union of Journalists جي قيادت سان رابطو ڪري گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو.
شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته تنظيمي عهدن تي اهڙن ماڻهن کي ذميواريون ڏنيون وڃن، جيڪي عملي طور تنظيم لاءِ مؤثر نموني ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اجلاس ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج يا وڏي سطح تي ڌرڻي بابت تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن پوليس جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي منشيات فروشن سان مبينا ڳٺ جوڙ جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي جي سمورن پريس ڪلبن سان رابطا ڪري صحافين خلاف ڪاررواين ۽ پوليس گردي جي خلاف گڏيل تحريڪ هلائي ويندي.
اجلاس جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته صحافين جي حقن، اظهار جي آزادي ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر سطح تي جدوجهد جاري رکي ويندي ۽ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ آڏو جهڪڻ قبول نه ڪيو ويندو.
افسوس ناک خبر: لاہور میں کاہنہ کے علاقے میں گھر میں بنی ٹیوشن اکیڈمی کی چھت گرنے سے 14 بچے جاں بحق، متعدد زخمی
قصور محکمہ اوقاف میں مبینہ میگا کرپشن کیس، سابق افسر حافظ جاوید شوکت کے خلاف مذید کارروائی کا امکان
ٹیوشن سینٹر کی عمارت گرنے کے افسوسناک سانحے پر ڈپٹی چیئرمین سینیٹ سیدال خان ناصر کا اظہارِ رنج و غم۔
خیبرپختونخوا کے سرکاری اور پرائیویٹ سکولوں کے طلبہ کیلئے سمر لرننگ اینڈ گرومنگ فیسٹیول شروع کرنے کا فیصلہ۔
سرگودھا (راجہ نورالہی عاطف سے) عیدالاضحیٰ، محرم الحرام اور دیگر اہم سرکاری