ٺٽو: رپوٹ دعا نیوز عبدالعزیز شیخ
ايوانِ صحافت پريس ڪلب ٺٽو جي ميمبر شاهزيب شيخ سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت، مرحوم لاءِ مغفرت جي دعا
ايوانِ صحافت ٺٽو جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر شاهزيب شيخ جو چاچو ڊاڪٽر شوڪت حسين شيخ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي تدفين ميرپورخاص ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
مرحوم جي فاتح خواني لاءِ تعزيتي تڏو ڊاڪٽر گلي، درگاهه شاهه مبين ٺٽو ڀرسان وڇايو ويو، جتي مائٽن، عزيزن ۽ دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ايوانِ صحافت پريس ڪلب ٺٽو جي ٽيم پاران شاهزيب شيخ سان سندس چاچي جي وفات تي تعزيت ڪرڻ لاءِ سندن تڏي تي نظير احمد قريشي، اڪبر دلواڻي، نثار گندرو، لالا شعيب پٺاڻ، انيس هلايو، شير علي شاهه، ارشاد گندرو، زاهد قادري، علي محمد درس ۽ شهريار صديقي ۽ سياسي سماجي ، صحافين ، شهرين پهچي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي وفد سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتح خواني ڪئي. دعا ڪئي وئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي، سندس درجات بلند ڪري ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين. صحافي شاهزيب شيخ ۽ سندس فيملي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
مقبول خبریں
نیوز لیٹر میں شمولیت
تازہ ترین خبریں روزانہ اپنے میل باکس میں حاصل کرنے کے لیے ہمارے نیوز لیٹر میں سبسکرائب کریں۔ بے فکر رہیں، ہمیں بھی سپیمنگ سے نفرت ہے!
[contact-form-7 id="287" title="subscribe"]اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں
مزید پڑھیں
مقبول خبریں
نیوز لیٹر میں شمولیت
تازہ ترین خبریں روزانہ اپنے میل باکس میں حاصل کرنے کے لیے ہمارے نیوز لیٹر میں سبسکرائب کریں۔ بے فکر رہیں، ہمیں بھی سپیمنگ سے نفرت ہے!
[contact-form-7 id="287" title="subscribe"]