6

سجاول جي ساحلي پٽي شاھبندر ۽ جاتي جي جت، ٿهيم، ملاح، ٿهيمور ۽ ٻين سامونڊي قومن کي خبردار

دعانیوز بیورو چیف عبدالقیوم شیخ سجاول سندھ

سجاول جي ساحلي پٽي شاھبندر ۽ جاتي جي جت، ٿهيم، ملاح، ٿهيمور ۽ ٻين سامونڊي قومن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته جيڪي I’m اوهان سمنڊ مان مڇي ماري حلال روزي ڪمائي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليو ٿا، انهن اوهان جي تڙن ۽ هوڙن کي ڪجهه منشيات فروش پنهنجي ڪاري ڌنڌي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن۔
اهي اسمگلر هوڙن ذريعي منشيات، سفينا، سوپاري ۽ هٿيار کڻي اچي اوهان جي علائقن کي بدنام ڪري رهيا آهن۔ ياد رکو، منشيات فروشن جي خاموش سپورٽ ڪندڙ به ڏوهاري سمجهيا ويندا۔ جيڪڏهن اڄ به اوهان خاموش رهيا ته سڀاڻي ادارن جي نظر ۾ اوهان جا ڳوٺ منشيات جا اڏا سڏبا، پوءِ پوليس ڇاپا، گرفتارين ۽ بدنامي کان ڪو به بچي نه سگهندو۔
پنهنجي سامونڊي تڙن تي نظر رکو، مشڪوڪ هوڙن ۽ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪريو ۽ فوري طور سنڌ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏيو۔ منشيات فروش ڪنهن جا پنهنجا ناهن، اهي صرف پنهنجي دولت لاءِ نوجوان نسل، قوم ۽ علائقي کي تباهه ڪن ٿا۔
جيڪڏهن اوهان پنهنجي روزگار، عزت ۽ ايندڙ نسل کي بچائڻ چاهيو ٿا ته منشيات فروشن خلاف ڀت بڻجي بيهو، نه ته سڀاڻي اوهان جا ڳوٺ بدنامي، غربت ۽ ادارن جي سخت ڪارروائين جو مرڪز بڻجي ويندا۔
وڌ کان وڌ شيئر ڪريو، هر نوجوان پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي ساحل ۽ پنهنجي نسل جي حفاظت لاءِ اڳتي اچي۔ منشيات خلاف آواز اٿارڻ ئي اصل غيرت ۽ پنهنجي ڌرتي سان وفاداري آهي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں