10

سي آئي اي پوليس ٺٽو ضلعدار خان قانون کي نسوار جي ڏٻي سمجھي معصوم ماڻھن مٿان خوني حملا ڪري سندن گھرن کي باھيون ڏيڻ کان باز اچي – ايڊووڪيٽ اعجاز شاھ

رپورٹ بیورو چیف عبدالقیوم شیخ Thatta

انچارج
سي آئي اي پوليس ٺٽو ضلعدار خان قانون کي نسوار جي ڏٻي سمجھي معصوم ماڻھن مٿان خوني حملا ڪري سندن گھرن کي باھيون ڏيڻ کان باز اچي – ايڊووڪيٽ اعجاز شاھ

ٺٽو

سيد اعجاز حسين شاه، اڳوڻو صدر ٺٽو بار ايسوسيئيشن ٺٽو ۽ چيئرمين انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس موومينٽ حيدرآباد ڊويزن ايڊووڪيٽ سيد اعجاز شاھ شڪرالاھي پنھنجي پريس بريفنگ ۾ چيو آھي تہ آئون سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چوان ٿو ته منگولن،فرنگين،ارغونن ۽ ترخانن جو تسلسل بڻيل ٺٽو جي CIA انچارج سي آئي پوليس ٺٽو ضلعي دار خان عوام جي ٽئڪس تي پلجندڙ ھڪ عام ۽ معمولي سرڪاري نوڪر آھي ان کي اھا اجازت ڪنھن ڏني آھي ته ھو قانون سان گڏ بندوق پڻ ھٿن ۾ کڻي عوام کي عزت، ۽ تحفظ ڏيڻ بجاء قانون کي نسوار جي دٻلي سمجھي ھٿ ۾ ھٿيار کڻي ھٿيارن جي نمائش ڪندي غريب عوام مٿان
ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي سندن گھرن کي باھيون ڏئي ساڙي پورچوگيزن ۽ تاتارين جي تاريخ فقرائي قانون جون ڌڄيون أڏائي معصوم ۽ پرامن شھرين مٿان غير انساني تشدد ڪندي کين رتورت ڪندي عوام تي پنھنجي دھشت ڦھلائي عدالت کان مٿاھين قسم جا قدم کڻي معاشري ۾ پوليس جي ساک خطرناڪ حد تائين برباد ڪري رھيو آھي
انساني حقن جي ترجمان ايڊووڪيٽ سيد اعجاز شاھ شڪرالاھي چيف جسٽس آف پاڪستان،گورنر سنڌ،آئي جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ قانون ھٿ ۾ پوليس جي ساک کي بدنام ڪندڙ بدمست صوبيدار ضلعدار خان کي فورن لغام ڏئي کيس ھتان برطرف ڪندي معصوم عوام کي تحفظ فراھم نه ڪيو ويو ته سندس خلاف عيدالاضحي کان پوء وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں