35

سکھر بیورو چیف سید۔ نصیر حسین زیدی ان لاین نیوز ،گمس اسپتال گمبٽ ۾ ايڊوانسڊ اوسٽيوآرٿرائٽس جي مريض جج گوڏي جي مڪمل تبديليءَ جو ڪامياب مفت آپريشن

سکھر بیورو چیف سید۔ نصیر حسین زیدی ان لاین نیوز
،گمس اسپتال گمبٽ ۾ ايڊوانسڊ اوسٽيوآرٿرائٽس جي مريض جج گوڏي جي مڪمل تبديليءَ جو ڪامياب مفت آپريشن

گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمس) اسپتال گمبٽ ۾ گريڊ 4 اوسٽيوآرٿرائٽس، ويرس ڊيفارميٽي ۽ فڪسڊ فليڪشن ڊيفارميٽي ۾ مبتلا 60 سالن جي مريض جو گوڏي جي مڪمل تبديليءَ جو ڪامياب آپريشن بلڪل مفت ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب هي طريقي ڪار گمس اسپتال جي آرٿوپيڊڪ سرجري يونٽ ۾ اينيسٿيزيا ٽيم جي سهڪار سان انجام ڏنو ويو.

اسپتال انتظاميه مطابق مريض کي متوازن، مستحڪم ۽ بھترين ترتيب وارن گوڏن سان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، ۽ اميد آهي ته هو جلد ان تڪليف کان نجات حاصل ڪري مڪمل آرامده ۽ خوشحال زندگي گذاريندو.

هن تاريخي سرجري جي قيادت گمس اسپتال جي آرٿوپيڊڪس، آرٿروپلاسٽي سرجن ۽ ٽراما اسپيشلسٽ ڊاڪٽر سجاد حسين ڀٽي ڪئي.

ڊاڪٽر سجاد حسين ڀٽيءَ مطابق ”صحيح مريض، صحيح ٽيم ۽ صحيح وقت سان پيچيده گوڏن جو علاج به هڪ ئي نشست ۾ محفوظ طريقي سان ممڪن آهي“.
گمس اسپتال گمبٽ سنڌ سميت پوري پاڪستان جي علائقن ۾ ٽرشيري هيلٿ ڪيئر جي فراهمي جي مشن تحت جوڙن جي تبديلي سميت جديد جراحي طريقن تحت مفت علاج فراهم ڪري ٿو.

ياد رهي ته گمس اسپتال جو آرٿوپيڊڪ شعبو جديد جراحي سهولتن سان آراسته آهي ۽ ملڪ جي طبي ماهرن لاءِ علاج سان گڏ سندن لاء تربيتن جا به اعلي انتظام موجود آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں