سکر (بيورو رپورٽ): پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) سکر ضلعي جي نون چونڊيل ڪابينا جي حلف برداري جي پُروقار تقريب سکر جمخانا ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ صوبي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ڊاڪٽرن، ماهرنِ صحت، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب دوران نون عهديدارن پنهنجن عهدن جو حلف کنيو ۽ صحت جي شعبي ۾ خدمتن، ڊاڪٽرن جي تحفظ، مريضن جي ڀلائي ۽ طبي نظام جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔
تقريب جي مهمانِ خاص ۽ پي ايم اي سنڌ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالغفور شورو خطاب ڪندي چيو ته پي ايم اي جو بنيادي مقصد رڳو ڊاڪٽرن جي حقن جو تحفظ نه پر مريضن کي بهتر، محفوظ ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ پڻ آهي۔ هن چيو ته ڊاڪٽر هر وقت مريض جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو، پر افسوس جو اڄ ڊاڪٽر پاڻ عدم تحفظ جو شڪار آهن۔ ڊاڪٽرن تي حملا ۽ قتل جهڙا افسوسناڪ واقعا طبي شعبي لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن۔ هن چيو ته انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي پي ايم اي پارليامينٽ کان “ڊاڪٽر پروٽيڪشن بل” جي منظوري لاءِ ملڪ گير تحريڪ هلائي رهي آهي ته جيئن ڊاڪٽرن کي قانوني ۽ عملي تحفظ ملي سگهي۔
هن وڌيڪ چيو ته محفوظ ڊاڪٽر ئي بهتر نموني مريضن جي خدمت ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري ڊاڪٽرن جو تحفظ دراصل مريضن جي بهتر علاج ۽ صحتمند معاشري جي ضمانت آهي۔ ڊاڪٽر عبدالغفور شورو چيو ته پي ايم اي بيمارين جي علاج سان گڏ عوام ۾ صحت بابت شعور پيدا ڪرڻ ۽ بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ سرگرم آهي۔
تقريب کي خطاب ڪندي پي ايم اي سنڌ جي صدر ڊاڪٽر نياز حسين بابر نون چونڊيل ڪابينا کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سکر جي نئين قيادت سان وڏيون اميدون وابسته آهن۔ هن چيو ته پي ايم اي رڳو ڊاڪٽرن جي تنظيم نه پر صحت جي پوري نظام جي بهتري لاءِ هڪ اثرائتو پليٽفارم آهي۔ هن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن جي تحفظ، پيشاورانه تربيت، سيمينارن، طبي آگاهي پروگرامن ۽ عوامي صحت جي منصوبن کي اولين ترجيح ڏني ويندي۔
ڊاڪٽر نياز حسين بابر چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ هراساني، عدم تحفظ ۽ پيشاورانه دٻاءَ سبب ڊاڪٽر پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري “برين ڊرين” جهڙا سنگين مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن۔ هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي بنا خوف جي مريضن جي خدمت ڪري سگهن۔
نومنتخب صدر پي ايم اي سکر پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن رڳو هڪ شهر يا صوبي جي نمائنده تنظيم ناهي، پر پوري ملڪ جي ڊاڪٽرن جي گڏيل آواز آهي۔ هن چيو ته پي ايم اي جو منشور انسانيت جي خدمت، ڊاڪٽرن جي وقار جو تحفظ ۽ عوام کي بهتر طبي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي۔ هن چيو ته هر مريض برابر آهي، چاهي هو غريب هجي يا امير، ۽ پي ايم اي هر فرد کي هڪجهڙو علاج ۽ بهتر رويو ڏيڻ جي اصول تي قائم رهندي۔
هن ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته صحت بابت آگاهي ۽ طبي خدمتن جي ڄاڻ گهر گهر تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي۔ هن چيو ته پي ايم اي ۽ ميڊيا گڏجي صحت عامه جي شعبي ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن ٿا۔
تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شبير احمد چانڊيو چيو ته پي ايم اي سکر ماضي ۾ به سرگرم رهي آهي ۽ نئين ڪابينا سان گڏ ان جي سرگرمين ۾ وڌيڪ واڌارو ايندو۔ هن چيو ته ڊاڪٽرن جي سروس اسٽرڪچر، ٽائم اسڪيل پروموشنز، پوسٽنگ، ٽرانسفرز ۽ ٻين پيشاورانه مسئلن جي حل لاءِ نئين قيادت ڀرپور ڪردار ادا ڪندي۔ هن چيو ته عوامي صحت خاص طور تي ديهي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ طبي سهولتن جي بهتري ترجيحن ۾ شامل هوندي۔
سابق عهديدار ڊاڪٽر عبدالواحد عباسي چيو ته پي ايم اي پنهنجي اڳوڻي دور ۾ سکر ۾ پي ايم اي هائوس قائم ڪيو، جيڪو ڊاڪٽرن لاءِ هڪ اهم مرڪز آهي۔ هن چيو ته مستقبل ۾ پي ايم اي هائوس ۾ آڊيٽوريم ۽ اضافي فلور جي تعمير سميت ڪيترائي ترقياتي منصوبا غور هيٺ آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته وڪيلن ۽ صحافين جيان ڊاڪٽرن لاءِ رهائشي ڪالوني قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ اڳتي وڌي رهيو آهي ته جيئن ڊاڪٽر برادري کي بهتر رهائشي سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔
تقريب جي ٻين مقررن، جن ۾ ڊاڪٽر ديالي گل، ڊاڪٽر اسماعيل ميمن، ڊاڪٽر ظهور احمد سومرو، ڊاڪٽر خادم منگي، ڊاڪٽر صفيا مقصود، ڊاڪٽر سريش ڪمار ۽ ٻين شامل هئا، چيو ته پي ايم اي ڪنهن به ڊاڪٽر يا مريض سان ناانصافي برداشت نه ڪندي۔ هنن چيو ته تنظيم متحد آهي ۽ هڪ پليٽفارم تي رهي ڊاڪٽرن، مريضن ۽ طبي عملي جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکندي۔
مقررن چيو ته پاڪستان ڀر ۾ پي ايم اي جون 163 شاخون قائم آهن ۽ 80 هزار کان وڌيڪ ڊاڪٽر هن تنظيم جا ميمبر آهن، جيڪو ان جي قومي ڪردار ۽ اثر رسوخ جو واضح ثبوت آهي۔ هنن چيو ته ڪراچي جيان سکر ۾ پڻ پي ايم اي هائوس جو قيام خوش آئند قدم آهي، جيڪو ڊاڪٽرن سان گڏ مريضن لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندو۔
تقريب ۾ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح چنه، سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ ميمن، ڊي ايڇ او سکر سيد علي گل شاهه، ڊاڪٽر سراج سهتو، ڊاڪٽر شاهد ميراني، ڊاڪٽر خوش محمد سوهو، ڊاڪٽر ذوالفقار علي شاهه، ڊاڪٽر نصرالله سومرو، ڊاڪٽر طفيل احمد، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ سکر جي معزز سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
تقريب جي آخر ۾ نون چونڊيل ڪابينا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته نئين قيادت سکر سميت پوري علائقي ۾ صحت جي شعبي جي بهتري، ڊاڪٽرن جي تحفظ ۽ مريضن جي ڀلائي لاءِ اثرائتو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪندي۔