November 17, 2026

سکر(بيورو رپورٽ) آل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن سکر جي صدر جميل احمد شيخ،

Screenshot_2026-03-25_072902

سکر(بيورو رپورٽ) آل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن سکر جي صدر جميل احمد شيخ، سيڪريٽري جنرل محمد سلطان شيخ، ضلعي صدر سکر سرور ڀٽي، نيو تعلقه سکر جي صدر اعجاز جمالي، جنرل سيڪريٽري بلال سومرو، شريف سومرو، احسان علي مہر، سعيد اڪبر، عبد القدوس، آغا جبار، ارشاد قريشي، آصف مسيح، سمامہ قريشي، طاهر اعجاز، غلام مرتضيٰ، غلام مجتبيٰ، ڪوآرڊينيٽر محمد اعظم شيخ ۽ ٻين مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن لاڙڪاڻو، گھوٽڪي، بينظيرآباد، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عهديدارن اهم وڊيو ڪال اجلاس کانپوءِ گڏيل اعلاميو جاري ڪندي حڪومت سنڌ طرفان تعليمي ادارن جون موڪلون وڌائڻ جي امڪاني فيصلي تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي۔اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته سنڌ ڀر جي لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو شاگرد مضافاتي ۽ گهٽ آمدني وارن علائقن سان تعلق رکن ٿا، جتي نه ذاتي گاڏين جي سهولت موجود آهي ۽ نه ئي آن لائن تعليم لاءِ بنيادي وسيلا ميسر آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيٽرول بحران جو حل تعليمي ادارن جي بندش نه، پر بهتر رٿابندي آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ اسڪولن جي بندش سان شاگردن جي تعليمي تسلسل کي سخت نقصان پهچندو۔
بيان ۾ ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته 30 مارچ کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ جي امتحانن تي به ان فيصلي جا اثر پئجي سگهن ٿا، جنهن سبب شاگردن جي ايڊمٽ ڪارڊن جي جاري ٿيڻ ۽ امتحاني شيڊول بابت به خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا۔
اڳواڻن چيو ته ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ سهولت غير مستحڪم آهي، جڏهن⁠تہ لوڊشيڊنگ سبب آن لائن تعليمي نظام کي مؤثر نموني هلائڻ ممڪن ناهي. خاص طور پسمانده علائقن ۾ شاگردن وٽ نه ليپ ٽاپ موجود آهن ۽ نه ئي اسمارٽ فون، تنهنڪري آن لائن تعليم عملي طور ڪارآمد حل ثابت نٿي ٿي سگهي۔
آل پرائيويٽ اسڪولز مينيجمينٽ ايسوسيئيشن وزيراعليٰ سنڌ کان اپيل ڪئي ته هو زميني حقيقتن، تعليمي تسلسل ۽ صوبي ۾ جاري تعليمي بهتري جي قدمن کي نظر ۾ رکندي اهڙو فيصلو ڪن جيڪو شاگردن جي بهترين مفاد ۾ هجي. اڳواڻن تجويز ڏني ته جيڪڏهن حالتن سبب ڪو عبوري قدم کڻڻ ضروري هجي ته مڪمل بندش بدران هفتي ۾ چار ڏينهن اسڪول کولڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جيئن تعليمي سرگرميون جاري رهي سگهن۔
اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن واضح لفظن ۾ چيو ته تعليمي ادارن جي مڪمل بندش ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه هوندي، ڇو⁠تہ اهڙو قدم تعليم دشمنی جي برابر هوندو ۽ ان سان هڪ پوري نسل جي مستقبل تي منفي اثر پوندا. هنن چيو ته “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” جي ويزن تحت تعليمي ڪوششن کي هر حال ۾ جاري رکيو ويندو۔آخر ۾ ايسوسيئيشن واضح ڪيو ته جيڪڏهن شاگردن جي مفادن جي ابتڙ ڪو به فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم آئيني ۽ جمهوري دائري اندر رهندي احتجاج جو حق محفوظ رکي ٿي ۽ هر مؤثر فورم تي پنهنجي آواز بلند ڪندي۔