November 17, 2026

سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی دعا ان لاین نیوز سکر. فخرِ انسانيت سجڻ سائين جي ولادت با سعادت

IMG-20260324-WA0083

سکھر بیورو چیف سید نصیر حسین زیدی دعا ان لاین نیوز
سکر. فخرِ انسانيت سجڻ سائين جي ولادت با سعادت جي موقعي تي، جماعت اصلاحِ المسلمين ضلعي سکر پاران المرڪز انوار طاهريه سائيٽ ايريا سکر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب دوران فخرِ انسانيت سجڻ سائين جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سندس ديني، روحاني ۽ سماجي خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو.تقريب جي خاص مهمان صوبائي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر سعيد اعواڻ خطاب ڪندي چيو ته فخرِ انسانيت سجڻ سائين جي شخصيت محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي روشن مشعل آهي. هن چيو ته سندس تعليمات اسان کي ڀائيچاري، رواداري ۽ انسانيت جي خدمت جو سبق سيکاري ٿي، جيڪا اڄ جي سڀ کان اهم ضرورت آهي.فخرِ انسانيت سجڻ سائين جي روحاني رهنمائي بيشمار ماڻهن جي زندگين سنوري آهي ۽ سندس امن ۽ محبت جو پيغام سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي رهيو آهي. آخر ۾، شرڪت ڪندڙن فخر انسانيت سجڻ سائين جي ڊگهي عمر، صحت ۽ تندرستي ۽ سندس رحمتن ۽ برڪتن جي تسلسل لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي خليفه محمود علي ميمڻ، خليفه حسيب احمد راهوجو، خليفه اعجاز احمد منگي، آصف راجپوت، صبغت الله ميمڻ، رضوان مصطفيٰ، نصيب احمد راهوجو، حافظ محمد عمر، منور علي کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.