November 28, 2026

سکر( سید نصیر حسین شہفی )سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي

Screenshot_2026-01-25_173709

سکر( سید نصیر حسین شہفی )سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته سيپڪو پاران سياري جي موسم جي باوجود به پوري شهر جي واپارين ۽ شهرين کي هزارين روپين ماليت جا ناجائز ڊيڊيڪشن جا بل موڪلي ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، سيپڪو جا نااهل آفيسر پنهنجي ڪرپشن ۽ نااهلي کي لڪائڻ ۽ پنهنجا لائن لائسز پورا ڪرڻ جي لاءِ بجلي چوري روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي بجاءِ بل ادا ڪندڙ واپارين ۽ شهرين کي ئي ڊيڊيڪشن مڙهي تنگ ۽ پريشان ڪري رهيا آهن، جنهن جي خلاف شهر جي واپاري برادري ۽ شهري خاموش نه ويهندا، حڪومت ۽ سيپڪو جي اختيارين صارفين کي ڊيڊيڪشن بل ارسال تنگ ۽پريشان ڪرڻ جو سلسلو ختم نه ڪيو ته ان جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجر سيڪريٽريٽ گولڊ سينٽر صرافه بازار ۾ مختلف تجارتي مارڪيٽن مان سيپڪو جون شڪايتون کڻي ايندڙ واپارين جي نمائنده وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سکر اسمال ٽريڊرز جو سرپرست اعلي حاجي غلام شبير ڀٽو، سينئر نائب صدر حاجي عبدالقادر شيواني، جنرل سيڪريٽري محمدعامر فاروقي، چيئرمين سپريم ڪائونسل حافظ محمد شريف ڏاڏا، نائب صدر حاجي رئيس قريشي، بابو فاروقي، مختيار شامي، محمد منير ميمڻ، جاويد کوسو، محمد منير ڀٽي، محبوب صديقي، ڪاشف شمسي، احسان ٻنڌاڻي، طارق علي ميراڻي، محمد اعظم آڙائين، عبدالباري انصاري، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ،عدنان اعظم خان، شاهد مگسي، اياز ابڙو، امداد جهنڊير، نثار ان، عارف ميمڻ، جاويد ميمڻ، ذاڪر خان، اقبال کوکر، شعيب ميمڻ، عارف ڀٽي، محمد رضوان قادري، سيد عمير شاهه، فخرالدين عباسي، وقاص بدر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيپڪو جي وڌندڙ ظلمن، بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي ڪري ڪيترا ئي شهري سولر سسٽم تي منتقل ٿي ويا آهن.هاڻي سيپڪو جا ڪرپٽ آفيسر پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي لاءِ گهٽ يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي ڳري رقم جي ڊيڊيڪشن مڙهڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي،سکر جي تجارتي ۽ رهائشي علائقن جا صارفين مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ جي باوجود ڳرا بل ادا ڪري رهيا آهن، 100 سيڪڙو ريڪوري به ڏين ٿا ان جي باوجود سيپڪو جا ڪرپٽ عناصر بل ادا ڪندڙ صارفين کي ئي ڊيڊيڪشن عائدڪري تنگ ۽ پريشان ڪري رهيا آهن، حيرت جي ڳالهه آهي ته صارفين جڏهن ڊيڊيڪشن جو سبب معلومڪرڻ ۽ بلن جي درستگي جي لاءِ سيپڪو آفيس ويندا آهن ته آفيسرن پاران انهن جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي بجاءِ صارفين کي ڊيڊيڪشن وارا بل ڀرڻ جي لاءِ ڌمڪايو ويندو آهي. هنن وفاقي وزير پاڻي ۽ بجلي سيپڪو جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو هو فوري طور تي صارفين جي بلن ۾ ڊيڊيڪشن مڙهڻ جو نوٽيس وٺي ڪري ان ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻين نه ته واپاري برادري ڀرپور احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي.