بیورو چیف دعا نیوز آنلائن عبد القیوم شیخ Thatta هڪ وڏي خبر مڪلي سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ، نالي محفوظ
بیورو چیف دعا نیوز آنلائن عبد القیوم شیخ Thatta
هڪ وڏي خبر
مڪلي سي اين جي اسٽيشن جو مالڪ، نالي محفوظ الرحمان اُروسانِي، جيڪو اصل رهواسي ضلعو جيڪب آباد جو آهي، اسان جي ضلعي ٺٽي ۾ خبر ناهي ڪنهن جي مدد سان بنا ڪنهن خوف جي قبضي تي قبضو ڪري رهيو آهي، جنهن کي نه ته روينيو جا عملدار ڪجهه ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي پوليس جا عملدار.
پهريان ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي 04 ايڪڙ سرڪاري زمين جا جعلي ڪاغذ ٺهرايا، پوءِ ڊرينيج ڊپارٽمينٽ جي سم نالي تي قبضو ڪري ان جي 40 فوٽ ويڪر کي ختم ڪري 4 فوٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، پوءِ قديمي ريلوي ٽريڪ تي قبضو ڪري، ٽوڙ ڦوڙ ڪري پنهنجي زمين سڌي ڪئي ۽ سڄو ريلوي ٽريڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو.
۽ اڄ 06 نومبر 2026ع تي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ واري ان سرڪاري زمين، جنهن جا جعلي ڪاغذ ٺهرايا ويا هئا، ان تي سڀني جي سامهون مٽي لاهڻ جو ڪم جاري آهي ۽ مڪمل قبضو ڪيو پيو وڃي.
ڇا ڪو پڇڻ وارو آهي؟
پوليس ۽ روينيو وارن کي بس فروٽ جا ريڙها لڳائيندڙ غريب مسڪين ئي نظر اچن ٿا، جيڪي قبضو ڪن ٿا.
خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي اسان جي ضلعي کي، جنهن جو ڄڻ ڪو مالڪ ئي ناهي. ٻاهران ماڻهو اچي لٽ مار ڪري رهيا آهن، پر ڪو پڇڻ وارو ناهي.