سکھر سے بیورو۔ یف سید نصیر حسین زیدی دعا ان لاین ۔نیوز آج۔ ڈی۔ چینل سرسو پاران صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد بابت آگاهي سيمينار منعقد
سکھر سے بیورو۔ یف سید نصیر حسین زیدی دعا ان لاین ۔نیوز آج۔ ڈی۔ چینل
سرسو پاران صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد بابت آگاهي سيمينار منعقد
سکر: سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران صنف بنياد تشدد (GBV) جي حوالي سان هڪ ڏينهن جو سيمينار منعقد ڪيو ويو جنھنجو مقصد شراڪتدارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ، گڏيل ڪوششن کي فروغ ڏيڻ ۽ متاثرين لاءِ ريفرل ميڪنزم کي مضبوط بڻائڻ هو.
سيمينار جي صدارت انسٽيٽيوٽ آف مينجمينٽ اسڪلز ڊولپمينٽ جي مئنيجر زبير سومرو ڪئي جڏهن ته سيمينار جو انتظام سرسو ضلعي آفيس سکر پاران ڪيو ويو. سيمينار ۾ سرڪاري کاتن، سول سوسائٽي تنظيمن ۽ ڪميونٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ، پاڪستان بيت المال، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ ۽ پي ايڇ آر او جا آفيسر شامل هئا. ان کان علاوه آءِ او ايم، ساحل، ناري فائونڊيشن، ايف آر ڊي پي ۽ ڳوٺ سينگار فائونڊيشن ۽ ٻين مقامي اين جي اوز جا نمائندا پڻ موجود هئا جڏھن ته ڪميونٽي آرگنائيزيشنز (COs)، وِليج آرگنائيزيشنز (VOs) ۽ لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشنز (LSOs) جي نمائندن پڻ سيمينار ۾ حصو ورتو.
شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي سرسو سکر جي ضلعي مئنيجر خان محمد صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي روڪٿام ۽ ان جو جواب ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو.
سيمينار ۾ زبير سومرو صنفي بنياد تشدد جي مختلف قسمن جهڙوڪ جسماني، جنسي، جذباتي، سماجي ۽ معاشي تشدد تي روشني وڌي ۽ انهن جي فرد، خاندان ۽ سماج تي اثرن بابت ڳالهايو. هن چيو ته متاثرين کي وقت تي طبي، قانوني، نفسياتي ۽ حفاظتي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ مؤثر ريفرل رستا قائم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ڳالهه ٻولهه واري سيشن دوران مقررين پنهنجا تجربا ۽ تجويزون پيش ڪيون. احسان چيو ته صنف بنياد تشدد صرف غربت يا ناخواندگي تائين محدود ناهي پر اهو ثقافتي روايتن، سماجي روين ۽ رويي ۾ جڙيل آهي. هن ڪميونٽي ۾ آگاهي وڌائڻ ۽ ريفرل سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
زاهد خاصخيلي چيو ته صنفي فرق اڪثر گهر مان ئي شروع ٿين ٿا جتي پٽن ۽ ڌيئرن سان غير برابر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته کاڌي يا ٻين وسيلن ۾ پٽن کي ڌيئرن تي ترجيح ڏيڻ جهڙا ننڍا عمل به ننڍپڻ کان ئي عدم مساوات پيدا ڪن ٿا جيڪي پوءِ وڃي متعصب رويي جي صورت اختيار ڪن ٿا.
غير سرڪاري تنظيم ساحل جي نمائندي چيو ته خاندان ٻار جي سکيا جو پهريون مرڪز آهي ۽ ٻار اهو ئي سکندا آهن جيڪو اهي گهر ۾ ڏسندا آهن. هن چيو ته گهر ۾ عزت، برابري ۽ مثبت پرورش کي فروغ ڏيڻ صنفي بنياد تشدد جي روڪٿام لاءِ اهم آهي.
عبدالقدوس چيو ته غربت به تشدد جو هڪ وڏو سبب آهي ۽ معاشي موقعا بهتر ڪرڻ سان ڪميونٽيز ۾ تشدد جا واقعا گهٽائي سگهجن ٿا.
سيمينار ۾ سرسو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد ڏتل ڪلهوڙو خاص شرڪت ڪئي. هن شرڪت ڪندڙن خاص طور تي ڪميونٽي جي عورتن کي حوصلو ڏنو ته اهي ننڍي عمر ۽ جبري شادين جهڙن نقصانڪار رواجن ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين تي ٿيندڙ تشددن بابت کليل ڳالهه ڪن. ڪميونٽي جي ماڻهن پنهنجا تجربا ۽ تجويزون پڻ پيش ڪيون.
سيمينار جي آخر ۾ آءِ او ايم جي نمائندي ضياء چيو ته صنفي بنيادن تي تشدد جي سڀني ڪيسن کي رازداري سان حل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي محفوظ جڳهون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي خوف کان سواءِ رپورٽ ڪري سگهن. هن طبي، قانوني، نفسياتي ۽ حفاظتي مدد لاءِ گڏيل ريفرل سروسز جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.
سيمينار جي آخر ۾ سڀني شراڪتدارن کي آگاهي مهم جاري رکڻ، هم آهنگي وڌائڻ ۽ صنفي بنياد تشدد جي روڪٿام ۽ متاثرين جي مدد لاءِ ريفرل ميڪنزم کي بهتر بڻائڻ جو گڏيل عزم ڪيو.
آخر ۾ سرسو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد ڏتل ڪلهوڙو محفوظ ۽ جامع ڪميونٽيز جي تعمير لاءِ شرڪت ڪندڙن جي عزم کي ساراهيندي انهن ۾ مڃتا جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.