ٺٽو رپورٹ دعا نیوز عبدالرزیز شیخ
وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شھباز شريف سان اسلام آباد ۾ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي ملاقات سجاول ضلعي جي مختلف عوامي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه سيد اياز علي شاهه شيرازي وزير اعظم شھباز شريف کي ٻڌايو ته ٺٽو ۽ سجاول ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب ضلعي جي زميندار سخت پريشان آهن ۽ فصلن جا اگهه نه ملڻ سبب اھي قرضي ٿي ويا آھن ان ڪري ٻنھي ضلعن ۾ زرعي قرض معاف ڪيو وڃي ، يا قرضن تي وياج معاف ڪيو وڃي ، ان کان علاوه سامونڊي پٽيءَ تي بچاء بند نه ھئڻ سبب سمنڊ ھيستائين لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ان ڪري ٺٽو، سجاول، بدين سامونڊي پٽيءَ تي فوري طور بچاء بند ڏئي اسٽون پيچنگ ڪري وڌيڪ زمينن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ،
ٺٽو ، حيدرآباد روڊ ڊبل ڪيو وڃي , اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نوازشريف پاران اعلانيل سجاول ضلعي ۾ فيڊرل يونيورسٽي جلد قائم ڪئي وڃي
ڳوٺن لاء منظور ٿيل سوئي گئس جون اسڪيمون جن جا فنڊ پڻ موجود آهن انھن تي فوري ڪم شروع ڪرڻ لاء احڪامات جاري ڪيا وڃن
ان کان علاوه سيد اياز علي شاهه شيرازي وزير اعظم پاڪستان ميان شهباز شريف کي سجاول ضلعي لاءِ منظور ٿيل 25 ڪروڙن جون اسڪيمون جيڪو پي ڊبليو ڊي کاتو بند ٿيڻ سبب رڪجي ويون هيون انھن اسڪيمن تي فوري طور فنڊ جاري ڪيا وڃن
وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شھباز شريف ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي کي يقين ڏياريو ته توهان جا جيڪي به عوامي مسئلا آهن انھن جي حل لاءِ احڪامات جاري ڪري پايه تڪميل ڪرايا ويندا